دادو (رپورٽر) ڪاڇي جي ڳوٺ راڄو ڳنڍو مان علي برهماڻي جي گهر مان چوري جي واقعي جو فيصلو ڪندي الزام هيٺ آيل پيرسن ۽ سندس زال ڄامل تي 3 لک 40 هزار ڏنڊ وڌو ويو آهي، زال مڙس اعتراض واريو ته وٽن کائڻ لاء ڪجھ به ناهي ته ايتري رقم ڪٿان آڻيون؟ جنهن تي کين 5 سالن جي ڌيء الهبچائي جو سڱ ڏنڊ ۾ ڏيڻ جي فتوي ڏني وئي، مسمات ڄامل ۽ سندس مڙس در محمد برهماڻي فيصلو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، مسمات ڄامل فورٿ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي عدالت ۾ تحفظ لاءِ اهڙي درخواست داخل جنهن تي عدالت فيصلو ڪندڙ احمد خان برهماڻي کي طلب ڪري ورتو، احمد خان برهماڻي عدالت ۾ قسم نامو جمع ڪرايو ته هن اهڙو فيصلو ناهي ڪيو. جنهن کانپوء عدالت مسمات ڄامل ۽ سندس ڌيء کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، مسمات ڄامل پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته هو چوري ۾ ملوث ناهن بنا سبب جي سندس مڙس در محمد کي ڊرگھ بالا پوليس هٿان گرفتار ڪرايو پوليس 15 هزار وٺي سندس مڙس کي آزاد ڪيو.