ڪراچي: سنڌ جي ڪامورن خلاف نيب، اينٽي ڪرپشن، وزيراعليٰ انسپيڪشن يم سميت ٻين هنڌن تي هلندڙ انڪوائرين جا معاملا وري ٻئي مرحلي ۾ ڪمپيوٽرائزڊ ڪيا ويندا. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته ڪامورن خلاف ڪرپشن، جعلي ڀرتين سميت سنگين معاملن جي هلندڙ کاتيوار ڪاررواين توڙي نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ۾ هلندڙ ڪيسن کي پڻ ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو ويندو، ڪامورن جي پوسٽنگ توڙي ترقين واري عمل دوران انهي ڪمپيوٽرائيزڊ رڪارڊ کان مدد ورتي ويندي.