ڪراچي: صحت، تعليم، فوڊ، جنرل ايڊمنسٽريشن، ڪوآرڊينيشن ونگ ۽ ٻين کاتن ۾ اهم رڪارڊ ڪاريڊور ۽ ڏاڪڻن تي پيل، عوامي شڪايتن، پينشن، رٽائرمينٽ ۽ ٻين معاملن جا فائل محفوظ هنڌ تي رکڻ بجاءِ ٻاهر سيڪريٽريٽ جي ڏاڪڻن تي پيل آهن، جنهن ڪري ڪافي ڀيرا رڪارڊ سڙي وڃڻ يا گُم ٿيڻ جا معاملا سامهون آيا آهن، انهي باوجود رڪارڊ کي محفوظ هنڌ تي رکڻ لاءِ ڪي انتظام ناهن ڪيا ويا.