ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ڪامورن جون بدليون، ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪشمور جي ضلعي پاپوليشن آفيسر ذوالفقار ڏيٿو کي بدلي ڪري لاڙڪاڻي ۾ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته لاڙڪاڻي مان حاڪم تنيو کي بدلي ڪري گهوٽڪي ۾ مقرر ڪيو ويو، جتان طارق اعظم لاڙڪ کي بدلي ڪري خيرپور ضلعي ۾ خالي پيل ضلعي پاپوليشن آفيسر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو . ٻئي طرف تعليم کاتي ۾ 9 سيڪشن آفيسرن جون مقرريون ڪيون ويون آهن، طاهر محمود کي سيڪشن آفيسر جوڊيشل (ون)، زين العابدين مگسي کي ايس او (اي اينڊ ٽي)، آغا شاهزيب کي ايس او (فوتي ڪوٽا)، اڪبر ٽڳڙ کي ايس او پرائمري (2)، وسيم الاهي کي ايس او جوڊيشل (3 )، ديپڪ ڪمار کي ايس او (ميڊيڪل ۽ فنانشل اسسٽنٽس)، سعيد ميمڻ کي ايس او (ڪوآرڊينيشن)، ديال داس کي ايس او پرائمري (ون)، لطف الله صديقي کي ايس او (ايجوڪيشن ورڪس) مقرر ڪيو ويو آهي.