ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ڪاليجي استادن جي پروموشن لاءِ بايو ميٽرڪ رجسٽريشن  کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو ، ان سلسلي ۾ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي پاران ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز ۽ سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن کي لکيل خط ۾ چيو ويو آھي ته ليڪچرار ترقي لاءِ  ٻين دستاويزن سان گڏ بايو ميٽرڪ رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ به لازمي طور جمع ڪرائين.