ڪالاباغ ڊيم ڪو پولٽري فارم ناهي جو رات وچ ۾ ٺهي وڃي: علي زيدي

0
187
ڪالاباغ ڊيم ڪو پولٽري فارم ناهي
ڪالاباغ ڊيم ڪو پولٽري فارم ناهي جو رات وچ ۾ ٺهي وڃي: علي زيدي

ڀان سيدآباد: وفاقي وزير ۽ پي ٽي آء سنڌ جي صدر علي زيدي جي ڳوٺ حسن شاه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدم اعتماد واري تحريڪ ساڍن ٽن سالن کان اپوزيشن آڻڻ چاهي ٿي پر اهي خان صاحب کي هٽائي نه ٿا سگهن

شاه محمود قريشي پي ٽي آء جو سينيئر وائيس چيئرمين آهي ان لاء هن کي مون سنڌاچڻ جي دعوت ڏني، هو سڀاڻي پي ٽي آء مارچ جي اڳواڻي ڪندو

علي زيدي چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي ڪوبه اختلاف ناهي. 18هين ترميم بعد آرٽيڪل 172 ۾ لکيل آهي ته جيڪي ٻيٽ ڪليم ۾ ناهن اهي خود شهيد ڀٽي پورٽ قاسم کي ڏنا

هن چيو ته آصف زرداري کي جيل ۾ وجهي لٽيل رقم واپس ڪرائي سنڌ جي عوام تي خرچ ڪرڻ جو سوچيون پيا. علي زيدي چيو ته ڪالاباغ تي ڪابينا ۾ ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، ڊيم ڪو پولٽري فارم ناهي جو رات وچ ۾ ٺهي وڃي

ھي بھ پڙھندا

پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون، مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون

نواب ولي محمد واقعو: علي زيدي جو سخت رد عمل سامهون اچي ويو

سنڌ مان زرداري ليگ جو صفايو اسان ڪنداسين: علي زيدي