اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت پاران تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي مئل گهوڙي کي جيئارڻ جي ڪوشش، ق ليگ سان تعلق رکندڙ پاڻي واري وزير مونس الاهي پاران تجويزون ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان، وزيراعظم پاران به ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ، عمران خان چيو آهي ته سائنسي  بنيادن تي ٻڌائڻو پوندو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان نقصان نه پر فائدو ٿيندو، سنڌي ڀائرن کي قائل نه ڪيو ته ملڪ مخالف قوتون کين استعمال ڪنديون، تفصيل موجب ڊيمن جي تعمير ۽ پاڻي تي بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبن جي حوالي  سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڊيمن بابت بريفنگ ٻڌي افسوس ٿيو ته چين 5 هزار وڏا ڊيم ٺاهي چڪو آهي پر 1960 ۾ جيڪي ٻه ڊيم ٺهيا ان بعد اسان وٽ ڊيمن نه ٺهيا، ان ڪوتاهي سبب ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ٿيو، هن چيو ته هن وقت اسان امپورٽيڊ فيول تي بجلي ٺاهي رهيا آهيون، ان جي قيمتن ۾ اضافي ٿيڻ سان بجلي جون قيمتون وڌي وڃن ٿيون، ڊيم ٺاهيا وڃن ها ته بجلي مهانگي نه ٿئي ها ۽ مهانگائي جو منهن نه ڏسڻو پوي ها، بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ ڊگهي مدت جي پلاننگ جي نه ٿيڻ ڪري اسان مسئلن ۾ ڦاٿل آهيون، فخر آهي ته اسان ايندڙ چونڊن جو سوچڻ بجاءِ مستقبل جي رٿابند ڪئي آهي، هن وقت به صوبن وچ ۾ پاڻي جي فراهمي مسئلو بڻيل آهي، صوبا چون ٿا ته اسان کي پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي، اڳتي هلي جيئن اسان جي ملڪ ۾ جيئن آبادي وڌي رهي آهي ان ڪري اسان کي وڌيڪ زمين آباد ڪرڻي پوندي، پر پاڻي موجود نه هوندو ته وڌيڪ زمين ڪيئن آباد ٿيندي، ڊي آءِ خان ۾ زرعي زمين پيل آهي اگر اها آباد ٿي وڃي ته خيبر پختونخوا صوبي کي ڪنهن کان ڪڻڪ وٺڻ جي ضرورت نه پوندي، بلوچستان ۾ به لکين ايڪڙ زرعي زمين پيل آهي، ان کي آباد ڪيون ته اسان شيون ايڪسپورٽ ڪري سگهون ٿا، سنڌ جي ٿر ۾ به زرعي زمين پيل آهي، پر زمين آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي جي کوٽ آهي، 10 سالن دوران جيڪي ڊيم تعمير ٿيندا ان ڪري ملڪ اندر پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت ٻيڻ تي وڌي ويندي، پاڻي سان بجلي ٺاهڻ سبب موسمي تبديلي جو جيڪو مسئلو آهي اهو به گهٽجي ويندو، اسان وٽ ڊيمن ۾ ٽنل ٽيڪنالاجي جي به ضرورت آهي، اها سياحت لاءِ به ضروري آهي، وزيراعظم پاڻي مامرن جي وفاقي وزير مونس الاهي سان مخاطب ٿيندي چيو ته اهان ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جي ڳالهه ڪئي آهي،  ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان کي ڊيمن جي ضرورت آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪالاباغ هڪ سٺي سائيٽ تي ڊزائن ٿيل آهي، ڪالاباغ ڊيم منهنجي تڪ ميانوالي ۾ آهي، پر ڪالاباغ ڊيم جي تعمير ۾ هڪ مسئلو آهي، سنڌ جي ڀائرن کي جيستائين ان حوالي سان مطمئن نه ڪنداسين ته جيڪي پاڪستان خلاف قوتون آهن انهن (سنڌ جي ڀائرن) کي اسعتمال ڪنديون ته سنڌ جو پاڻي چوري ٿيندو، ڪالاباغ ڊيم بابت پوري طرح مهم هلائڻي آهي، سائنسي انداز ۾ اسان کي انهن (سنڌ وارن) کي ٻڌائڻو پوندو ته ڪالاباغ ڊيم جي ٺهڻ سان انهن جو نقصان نه پر فائدو ٿيندو، ائين ڪرڻ کان اڳ جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جي تعمير شروع ڪنداسين ته جيڪي قوتون ملڪ ۾ ڏڦيڙ ڦهلائڻ چاهين ٿيون، اهي انهن کي استعمال ڪندا، اسان هڪ فيڊريشن ۾ آهيون، ڪوشش هجڻ گهرجي ته فيڊريشن ۾ سمورن صوبن کي گڏ کڻي هلجي. تقريب کي خطاب ڪندي ق ليگ سان تعلق رکندڙ پاڻي مامرن جي وزير چوڌري مونس الاهي چيو آهي ته موجوده ڊيمن ۾ سلٽنگ ٿيڻ ڪري ٻنهي وڏن ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش گهٽجي رهي آهي، هن اعلان ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان تجويز وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪنداسين، تقريب کي خطاب ڪندي واپڊا چيئرمين جنرل (ر) مزمل حسين چيو ته واپڊا 2028ع تائين پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيمن جي تعمير ۽ پاڻي تي بجلي پيدا ڪرڻ جي 10 منصوبن کي مڪمل ڪندو، جنهن ۾ ديامير ڀاشا ڊيم، مهمند ڊيم، نئين گاج ڊيم، ڪرم تنگي ڊيم، داسو، تربيلا جي توسيع  جا منصوبا سنڌ بيراج، ڪشي ڪينال جا منصوبا شامل آهن، وڏن ڊيمن بابت عالمي ڪميشن جي صدر مائيڪل روجز جو چوڻ هو ته ديامير ڀاشا ڊيم دنيا ۾ آر سي سي اسٽرڪچر جو سڀ کان وڏو اسٽرڪچر هوندو، جنهن ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ، جڏهن ته هر سال 18100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت هوندي، واپڊا 2018ع کان 2028ع جي عرصي کي ڊيمن جي ڏهاڪي طور ملهائي رهيو آهي، انهن ڊيمن جي تعمير سان روزگار جا 35 هزار نوان موقعا به پيش ٿيندا.