ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي آءِ جي کي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن واپارين جا مطالبا نه مڃيا ويا ته پي ٽي آءِ دڪاندارن سان گڏ بيهندي، ڪالهه ڪراچي جي واپارين جي وفد سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي واپاري اڳواڻن شرجيل گوپلاڻي ۽ حليم عادل شيخ گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو تھ جيڪڏھن واپارين سان ڪا ناانصافي ٿي تھ اسين واپارين سان گڏ بيهنداسين، ھڪڙو لاڪ ڊائون سنڌ حڪومت جو آھي تھ ٻيو 6 وڳي کانپوءِ پوليس جو شروع ٿي ويندو آھي، دڪان کولڻ تي واپارين تي ڏنڊ وڌو وڃي ٿو، هن چيو ته سنڌ حڪومت جو جڏھن پنھنجو مفاد ھوندو آھي تھ اين سي او سي جي فيصلن کي مڃيندا آھن، هن چيو ته سنڌ حڪومت واپارين سان ظلم ڪري رھي آھي جيڪڏھن سنڌ حڪومت رويو نه بدلايو ته اسين به واپارين سان گڏ روڊن تي ھونداسين ، هن چيو ته وفاقي حڪومت گورنر راڄ جي حق ۾ ناھي. ان موقعي تي واپاري اڳواڻن شرجيل گوپلاڻي ۽ ٻين چيو ته گذريل 18 مهينن کان واپارين تمام گهڻو ڀوڳيو آهي، سنڌ سرڪار ايس او پيز تي عمل ڪرائي لاڪ ڊائون ختم ڪري.