جاتي (ن پ ا) محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي وفات ڏک پهتو آهي، اهڙو اظهار پ پ پ ضلعي صدر ۽ ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي جاتي ۾ مختلف برادرين وٽ تعزيتي گڏجاڻين بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، محمد علي ملڪاڻي چيو ته نيازي حڪومت عوام کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ اجھا کسڻ کانسواءِ ڪجھه ناهي ڏنو، غريب عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهي، هن چيو ته 17 آڪٽوبر ڪارساز جلسي بعد پارٽي قيادت جو ورڪرن سان گڏجي اسلام آباد ڏانهن رخ هوندو، جلد حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪنداسين.