ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: سجادالرحمن پنھور) ڦلجي اسٽيشن ۾ قائم جانورن جي اسپتال تباه حالي جو شڪار ٿي کنڊرن جو ڏيک ڏيڻ لڳي آهي. عمارت زبون حال هئڻ ڪري مقرر عملو ڊيوٽي کان آجو ٿي گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳو آهي. برساتن سبب چوپايو مال چمڙي جي بيمارين سميت خطرناڪ بيمارين ۾ وٺجي ويو آھي پر اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ سبب مالوند ماڻھون خانگي اسپتال مان مهانگي اگھ تي علاج ڪرائڻ تي مجبور آھن. مالوندن نثار نواب,خالد پنهور, مهتاب پنهور , جاويد پپرائي,آفتاب احمد,توفيق الرحمان پنهور ۽ ٻين چيو ته سالن کان اسپتال تباه لڳي پئي آھي. چوپايو مال چمڙي ۽ چچڙن توري ٻين ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين سبب مري رهيو آھي پر سرڪاري اسپتال ۾ ڪير به موجود نه آھي جو اسان پنهنجي مال کي بچاء جا ٽڪا يا علاج ڪرائي سگهون. هنن چيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي نااهلي آھي جو سالن کان وٽرنري اسپتال تباه لڳي پئي آھي عملو ڊيوٽي تان غائب آھي مقرر عملو خانگي اسپتالن ۾ پئسا ڪمائڻ ۾ رڌل آھي پر لائيو اسٽاڪ کاتو اگهور ننڊ ستل آھي هنن وڌيڪ چيو ته سرڪار طرفان ملندڙ فنڊ هڙپ ڪيا پيا وڃن سرڪاري دوائون خانگي اسپتالن جي اسٽورن کي وڪرو ڪيون پيون وڃن پر ڪنهن جي ڪن تي جونء نه ٿي چري اسان پنهنجي چوپائي مال جو علاج خانگي اسپتالن مان ڪرائڻ تي مجبور آھيون خانگي اسپتالن جا ڊاڪٽر اسان کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آھن. رابطو ڪرڻ تي مقرر ڊاڪٽر شفيع الله سمون ٻڌايو ته اسپتال جي عمارت کي ھنڌا هنڌا ڏار پئجي ويا آھن اسپتال جي چوديواري بلڪل ڊھي پٽ ٿي وئي آھي اسپتال ۾ ويھڻ جون سهولتون نه آھن جنهن جي ڪري اسين فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيا آھيون منهنجي ڊيوٽي ڦلجي اسپتال ۾ آھي پر مان مون سون ايمرجنسي جي ڪري دادو ضلعي جي آفيس ۾ ڊيوٽي ڪري رهيو آھيان. ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ دادو شفيق ڏيرو ٻڌايو ته ضلع آفيس سميت ضلع جون سموريون اسپتالن جون عمارتون زبون حالي جو شڪار آھي لائيو اسٽاڪ جي اعلا اختيارن کي لکت ۾ ڏنو آھي پر ڪو کڙ تيل نه نڪري سگهيو آهي. هتان جي مالوندن لائيو اسٽاڪ کاتي جي وزير ۽ وس وارن کان گهر ڪندي چيو ته اسپتال جي عمارت لاء هنگامي بنيادن تي ڪوششون وٺي عمارت تيار ڪرائي وڃي جيسيتائين وٽرنري اسپتال جي عمارت تيار ٿئي تيسيتائين متبادل جڳھ ڏئي اسان جي مال جو علاج ڪيو وڃي.