ڪائنات ۾ ڪُل ستارن جو تعداد، شطرنج راند، ڪرڙ ڪولاچي ۽ ڪانڊيري ڪولهي جو مقابلو … الفت حسين پتافي

0
114
ڪائنات ۾ ڪُل ستارن جو تعداد، شطرنج راند، ڪرڙ ڪولاچي ۽ ڪانڊيري ڪولهي جو مقابلو ... الفت حسين پتافي

 اوهان شطرنج راند وارو قصو ته ٻڌو هوندو جنهن ۾ سنڌ تي حڪومت ڪندڙ بادشاهه ڪانڊيري ڪولهي کيس شطرنج راند هارائڻ تي کٽيندڙ همراهه کي دل گهرئي انعام سان نوازڻ جو وچن ڪيو ۽ هارائڻ تي قيد يا قتل ڪرڻ جو شرط رکيو. ائين ان راند جا مقابلا شروع ٿيا ۽ بادشاھ جيڪو ماهر شطرنج جو کلاڙي هو سڀ ميچ کٽيندو پيو وڃي. قصو ڪوتاھ هڪ جاتي جو همراه جنهن جو نالو ڪِرڙ ڪولاچي هو بادشاھ سان شطرنج جي مقابلي ۾ اچي نڪتو.

                         ان همراه هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ بادشاھ کي راند ۾ هارائي ويو. بادشاھ هارائي ڪري به ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اعلان ڪيائين ته ڪرڙ ڪولاچي کي سندس مرضي مطابق انعام ملندو.ڪرڙ ڪولاچي بادشاھ کي انعام جي گُهر ڪندي چيو:

                          جئين ته شطرنج راند جي چورس پٽي تي 64 خانا آهن، مون کي پهرين خاني ۾ لاڙ جي هڪ ڳاڙهي چانور جو داڻو ۽ هر خاني ۾ پٺين خاني تي پيل داڻي کان ٻيڻ تي داڻا ڪري ڏنا وڃن، يعني پهرئين خاني ۾ هڪ ٻي خاني ۾ ٻه، ٽئين خاني ۾ چار، چوٿين خاني ۾ اٺ، پنجين خاني ۾ سورنهن چانورن جا داڻا، اهڙي طريقي سان 64 خاني تائين چانورن جا داڻا ٻيڻا ڪندا وڃو ۽ ٽوٽل چانورن جا داڻا منهنجي حوالي ڪيو.

بادشاھ کي اهو ٻڌي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ته سنڌ ملڪ جي بادشاھ ڪانڊيري ڪولهي کان ڪرڙ ڪولاچي ايترو معمولي انعام ٿو گهري پيو. ڪرڙ ڪولاچي وراڻيو ته بادشاھ سلامت اوهان ٿورو حساب ته لڳايو، اوهان ايترا چانور پوري سنڌ ڇا هند سميت پوري دنيا مان به جمع نه ٿا ڪري سگهو.

ڪرڙ ڪولاچي جي ڳالھ بلڪل صحيح آهي، چانورن جي داڻن جي ان ترتيب کي جيوميٽرڪ سيريز Geometric series چئبو آهي. ان سيريز کي جوڙ   sum ڪرڻ جو هڪ فارمولو آهي، ان فارمولي جي مدد سان ٽوٽل چانورن جي داڻن جو تعداد ٿيندو 2 جي اڳيان 64 ٻڙيون ۽ ڪاٽو 1.

يعني (1-64*2).

* جو مطلب پاور exponent آهي نه ڪي ضرب.

هاڻي اچون ٿا ڪُل ستارن جي تعداد تي، جئين ته جديد updated فزڪس جي کوجنائن موجب ڪائنات ۾ تقريبن 2000 ارب گيليڪسيون آهن ۽ هر گيليڪسي ۾ سراسري طور 100 ارب ستارا آهن، ان حساب سان ڪائنات ۾ ڪل ستارا ٿيندا 2 جي اڳيان 25 ٻڙيون.

هاڻي ويهي سڄي رات سوچيو ته سڄي ڪائنات ۾ موجود ڪل ستارن کان به وڌيڪ چانورن جي گُهر ڪرڻ ڪرڙ ڪولاچي جي بي واجبي چئبي يا نه؟

بهرحال سنڌ جي بادشاهه ڪانڊيري ڪولهي ڪرڙ ڪولاچي کي دل گهريو انعام ته نه ڏئي سگهيو باقي دل کولي انعام ضرور ڏنائين.

مان به چڱي موچاري شطرنج کيڏندو آهيان، ڪڏهن ٽائيم مليو ته شطرنج راند جي ملاکڙي ۾ سنگت کي ڪوٺ ڏبي.