کپرو (ن پ ا) کپرو ويجهو ڳوٺ محبوب راڄڙ ۾ بيروزگاريءَ سبب 45 ورهين جي پنج ٻارن جي پيءُ پورهيت پهلاج ولد ڏيو ڪولهي ٻني ۾ بيٺل وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع تي کپرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو مڙهه ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال کپرو آندو، فوتي جي وارثن موجب پورهيت روزگار جي حوالي سان پريشان رهندو هو ٻي پاسي کپرو پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪريون پيا.