عورت هڪ ئي وقت 9 ٻارڙن کي جنم ڏنو

0
418

بماڪو(دلچسپ نيوز) عورت هڪ ئي وقت 9 ٻارڙن کي جنم ڏنو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آفريڪي ملڪ مالي جي حليمه کي صحت مرڪز آندو ويو. جٿي سندس الٽرا سائونڊ ڪيو ويو، 25 سالا عورت جي الٽرا سائونڊ ۾ 7 ٻارن جي نشاندهي ٿي پر جڏهن سندس آپريشن ڪيو ويو ته حليمه 5 نياڻين ۽ 4 پٽن کي جنم ڏنو جنهن تي ڊاڪٽرحيران ٿي ويا. ٻئي طرف سمورا ٻارڙا مڪمل صحتمند هجڻ سبب ڀاتين ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي ۽ هو صحت مرڪز ۾ جشن ملهائي رهيا هئا. هوڏانهن ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته 9 ٻارڙن جي پيدائش جا ڪيس تمام گهٽ اچن ٿا، اهڙن ڪيسن ۾ عورت جو بچڻ تمام گهڻو مشڪل هجي ٿو. هنن چيو ته حليمه مڪمل صحتمند آهي ۽ ٻارڙا به خطري کان ٻاهرآهن. جڏهن ته حليمه جو چوڻ هو ته هڪ ئي وقت 9 ٻارڙن کي جنم ڏيڻ تي خوش آهيان.