کير جو اگهه 120 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي: ڪمشنر ڪراچي

0
184
کير جو اگهه 120 رپيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ کير جي اگهن بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ڪمشنر ڪراچي پيش ٿي ڪري اگهن بابت رپورٽ پيش ڪئي

سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شهر ۾ کير جو اگهه 120 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز اتفاق ڪيو

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته شهر ۾ هن وقت کير 140 رپين کان وڌيڪ وڪرو ٿي رهيو آهي، ضلعي انتظاميا ڪميٽي جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي

اقبال ميمڻ
ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ

عدالت درخواست تي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪندي چيو ته درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي لاڳاپيل بينچ ڪندي