ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڊيري فارمرز پاران کير جون قيمتون 180 رپيا لٽر مقرر ڪرڻ وارو ڪمشنر ڪراچي جو نوٽيفڪيشن چيلنج، عدالت سنڌ حڪومت ۽ ڪمشنر ڪراچي سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 2 نومبر تي جواب گهري ورتو، درخواست گذارن جي وڪيل منصب جان جو چوڻ هو ته ڪراچي جي 4 ڊي سيز ۽ سرڪاري کاتي کير جو اگهه 196 کان 200 رپيا في لٽر  مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، ڪمشنر بنا صلاح مشوري جي 180 جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي، انهي غيرقانوني نوٽيفڪيشن کي رد ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان کي واڙي وارن کان کير 200 رپين ۾ ملي رھيو آھي، اهڙي صورت ۾ 180رپيا في لٽر واري اگهه تي ڪيئن وڪرو ڪريون؟ هن چيو ته ڊيري فارمرز ڪمشنر کي کير جو اگهه 229 رپيا في لٽر مقرر ڪرڻ جو چيو ھو پر ڪمشنر پنھنجي مرضي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن تي نظر ڪئي وڃي