کهي جا کنيائين، وک تنهن ويجهي ڪئي

0
200
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سڀ کان پهرين روزاني “پنهنجي اخبار” جي سڀني پڙهندڙن کي مبارڪون جو اڄ اها پنهنجي ٽئين سالگره ملهائي رهي آهي. جنهن وقت ۾ پنهنجي اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو انهي وقت ۾ نه رڳو پرنٽ ميڊيا بحراني صورتحال کي منهن ڏئي رهي هئي پر اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ به ڪي سٺيون حالتون نه هيون. انهي ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن جو خيال هو ته سوشل ميڊيا جي دور ۾ اليٽرانڪ ۽ خاص ڪري  پرنٽ ميڊيا لاءِ حالتون اهڙيون  ناهن جو ڪي  رڳو نوان ادارا ٺاهجن يا اخبار ڪڍجي. جيڪڏهن ڪا اخبار نڪري به ٿي ته ان کي ڪاميابي سان هلائڻ نه رڳو ڏکيو پر تقريبن ناممڪن آهي. ايئن چئجي ته اهاصورتحال ڀٽائي جي ان بيت جهڙي هئي جنهن ۾ هن سسئي جي حالت کي بيان ڪيو آهي ۽ ان جي پنڌ جو ذڪر ڪيو آهي جيڪا پنهون کي ڳوليندي جبل چڙهندي صفا  ٿڪجي ٽٽي  ساڻي ٿي پئي هئي ۽ اڳيان ڏکيائين جو جبل چڙهڻو هو،پر پوءِ به

کهي جا کنيائين،وک تنهن ويجهي ڪئي

ڇڪي ڇنائين،  پنڌ مڙو ئي پٻ جو.

پوءِ انهي  ڏکئي پنڌ جهڙي صورتحال ۾  پنهنجي اخبار نه رڳو نڪتي پر اڄ اها سنڌ جي وڏي ۾ وڏي اخبار جي حيثيت ۾ پنهنجي ٽئين سالگره ملهائي رهي آهي. نه رڳو اها اخبار پر سال کانپوءِ انهي ساڳئي اداري پنهنجو سيٽلائيٽ ٽي وي چينل “ٽائم نيوز” آندو جنهن جي اڄ ٻي سالگره ملهائي پئي وڃي. اسان وٽ اهو وڏو الميو رهيو آهي ته ادارا  تڪڙ ۾ ايندا ته آهن پر انهن کي مستقل طور هلائڻ ناممڪن بڻجي ويندو آهي پر “پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” انهي روايت کي غلط ثابت ڪيو آهي،اهو به ان دور ۾ جڏهن ٻيا ادارا سوڙها ٿي رهيا هئا سُسي رهيا هئا.انهي کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه اها هئي ته اهي پنهنجو پروفيشنل ۽ غيرجانبداراڻو ڪردرا برقرار رکي نه سگهيا.

هن وقت به صورتحال اها نظر اچي رهي آهي ته ميڊيا جا گروپ ڄڻ ڪنهن مخصوص لابي جي پاسي بيٺا هجن پر عوام ۽ صحافت سان انهن جو پري پري تائين واسطو نظر نه ٿو اچي انهي دور  ۾ پنهنجي غير جانبداراڻي، مثبت ۽ پروفيشنل  صحافت برقرار رکي اڳتي وڌڻ به اهم حيثيت رکي ٿو. “پنهنجي اخبار” کي اعزاز حاصل آهي ته اِها پهرين مڪمل ڊجيٽل اخبار آهي، جيڪا  جديديت ڏانهن سفر جاري رکيو پئي اچي، پنهنجي اخبار نه رڳو مارڪيٽ ۾ پنهنجو هڪ الڳ گراف ٺاهيو آهي پر گهٽ ئي عرصي ۾ هڪ مڪمل ڊجيٽل ۽ پهريون مڪمل ايڇ ڊي چينل“ ٽائيم نيوز”  به  سنڌي ميڊيا ۾ انقلاب برپا ڪيو آهي. “پنهنجي اخبار” جيان ٽائيم نيوز کي به شروع ۾ تمام گهڻين رنڊڪن کي منهن ڏيڻو پيو. “پنهنجي اخبار” ۽ ٽائيم نيوز گروپ جي خاصيت رهي آهي ته اهي ڪنهن سان مقابلي واري رجحان کي نظر ۾ رکي هلڻ بدران   صحافتي اصولن کي آڏو رکي   سنڌ جي اٻوجهه طبقي جو سگهارو آواز بڻجڻ کي اوليت ڏيندي اڳتي وڌي رهيا آهن،

اسان سمجهون ٿا ته اسان جنهن عزم سان “پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” چينل جو بنياد رکيو هو ان عزم ۾ ڪنهن قدر ڪامياب ٿيا آهيون ۽ هڪ بهتر کان بهتر ادارو جوڙڻ جي طرف وڌي رهيا آهيون  جيڪو صحافتي فرضن سان گڏ سنڌ واسين سان ڪيل واعدا به نڀائڻ کي پنهنجو نصب العين سمهجي ٿو. تنهن ڪري “پنهنجي اخبار” جي ٽئين ۽ “ٽائيم نيوز” جي ٻي سالگره جي موقعي تي سنڌ واسين کي هڪ ڀيرو ٻيهر مبارڪون ڏيندي اهو چوڻ ۾ فخر محسوس ڪيون ٿا ته جيڪو پنڌ ڏکيائي سان شروع ڪيو هو اڳتي به ڪيتريون ڏکيايون اچن انهي پنڌ کي جاري رکبو جيڪو پنڌ سنڌ جي عوام سان بيهڻ جو پنڌ آهي ۽ جيڪو پنڌ پروفيشنل ۽ ذميوار صحافت جو پنڌ آهي ۽ ان پنڌ جي منزل عوام جي محبت جي موٽ آهي.