ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2017ع کان گم ٿيل شهري ظفر اقبال سميت ٻين جي بازيابي بابت داخل درخواست تي وفاقي حڪومت کان 27 اپريل تائين اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران دير سان پيش ٿيڻ تي عدالت گهرو وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري افتخار شالواڻي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان جي باس کي شوڪاز جاري ڪيو هو، توهان وري دير سان آيا آهيو، گم ٿيل ماڻهن جا وارث پريشان آهن، جنهن تي گهرو وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو معاملو صوبائي حڪومتن جو آهي، اسان حراستي مرڪزن جي رپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف صوبن کي خط لکيا هئا پر جواب ناهي مليو، جنهن تي عدالت پڇيو ته ڪهڙي صوبائي حڪومت اوهان کي جواب ناهي ڏنو؟ حراستي مرڪز ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ آهن، سول يا ملٽري؟ جنهن تي ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته ڪي پي حڪومت کان جواب ناهي مليو، حراستي مرڪز سول انتظاميا جي ڪنٽرول ۾ ناهن، جنهن تي جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان پاور فل وزارت گهرو وزارت آهي، جيڪڏهن ڪو صوبو گهرو وزارت کي جواب نٿو ڏئي ته پوءِ ڪم ڪيئن هلندو؟ وزيراعظم کي وڃي ٻڌيو ته ڪي پي حڪومت گهرو وزارت سان تعاون نه پئي ڪري، عدالت چيو ته بس هاڻ گهڻو ٿي ويو! گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو معاملو وفاقي حڪومت کي ئي ڏسڻو آهي، ائين ٿي نٿو سگهي ته اسان هٿرادو رپورٽون ڏسي ڪيس کي سائيڊ تي رکي ڇڏيون !! هي معاملو قانوني کان وڌيڪ انساني حقن جو مسئلو آهي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.