آرمي چيف هڪ سئو بستر جي اسپتال ۽ اسڪول آف نرسنگ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

0
315
ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه هڪ سئو بستر جي اسپتال ۽ اسڪول آف نرسنگ جو افتتاح ڪري ڇڏيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فوجي فائونڊيشن هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي فوجي فائونڊيشن آمد تي ايم ڊي ۽ سي اِي او وقار احمد ملڪ آرمي چيف جو استقبال ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي فوجي فائونڊيشن جي جاري ۽ مستقبل جي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته آرمي چيف معاري خدمتن لاءِ فوجي فائونڊيشن جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب فوجي فائونڊيشن مان مستفيد ٿيندڙ 80 سيڪڙو مريض شهيد ۽ غازين جا وارث آهن، جڏهن ته فوجي فائونڊيشن جي ڀلائي ڪمن مان 90 لک ماڻهو مستفيد ٿي رهيا آهن.