نوشهروفيروز/ڦل/درياخان مري (نمائندن وٽان) نوشهروفيروز جي عدالت مان شنوائي بعد ڪار ۾ واپس موٽندڙن مٿان ڦل شھر ڀرسان ڳوٺ ھاشم ڦل وٽ تاڙ ۾ بيٺل ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ 4 ڄڻا قتل ٿي ويا، رپورٽ موجب ڦل ڀرسان ڳوٺ ھاشم ڦل وٽ نوشھروفيروز ڪورٽ مان سنوائي تان واپس موٽندڙ ڳوٺ حسين بخش وڳڻ جي رھواسين ڪار سوارن مٿان 5 کان وڌيڪ موٽر سائيڪل سوار ھٿيار بندن حملو ڪري سندن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب استاد عطا محمد وڳڻ، صدام وڳڻ ۽ ڪار ڊرائيور لياقت لغاري موقعي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏھن ته اميد علي وڳڻ سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس ۽ علائقي واسي وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا، پوليس پاران ايمبولنس گهرائي وئي پر ايمبولنس دير سان پهچڻ سبب زخمي اميد علي وڳڻ کي پرائيويٽ شھزور گاڏي ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو پر زخمي اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته لاش پوليس پاران ايمبولنس ذريعي نوشهروفيروز اسپتال منتقل ڪيا ويا، اسپتال مان مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ان حوالي سان مقتولن جي وارثن حسين بخش وڳڻ ۽ ڪالو وڳڻ ٻڌايو ته اسان هيئنر موقف ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه آھيون، جوابدارن خلاف جلد ڪيس داخل ڪرائينداسين، هوڏانهن ڊي ايس پي نوشهرو فيروز اعجاز ميمڻ ٻڌايو ته وڳڻ ۽ مري برادري جي ماڻھن ۾ 30 سالن کان زمين جو تڪرار ھلندڙ آھي، جنهن تان واقعو پيش آيو آهي، پوليس موجب مقتولن جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو. واضح رھي ته ڪجھه مھينا اڳ نوشهروفيروز جي عدالت ٻاھران ڳوٺ لنڊو مري جي رھواسي بلاول مري کي قتل ڪيو ويو ھو، جنھن جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل مقتول جيل ۾ ھئا، جيڪي ڪجھه ڏينھن اڳ جيل مان ضمانت تي آزاد ٿيا ھئا.