ڏينهن ۾ 40-40 سگريٽ ڇڪيندڙ ٻارڙي نيٺ نشو ڇڏي ڏنو

0
843

سماترا (دلچسپ نيوز) ڏينهن ۾ 40-40 سگريٽ ڇڪيندڙ ٻارڙي نيٺ نشو ڇڏي ڏنو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انڊونيشيا جي 7 ورهين جو آردي رضال 5 سالن کان سگريٽ ڇڪيندو هو، بحالي ادارن والدين سان رابطو ڪري ٻارڙي جي اها عادت ڇڏرائي ورتي

والدين جو چوڻ آهي ته آردي ايترو ته موالي ٿي ويو هو جو ڏينهن ۾ 40-40 سگريٽ ڇڪيندو هو جڏهن ته نه ملڻ تي ڀتين کي مٿو هڻي پاڻکي زخمي ڪري ڇڏيندو هو.