ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ سميت سڄي ملڪ هندو برادري پاران ڏياري جو ڏڻ ملهايو پيو وڃي، حيدرآباد ۾ ڏياري جو ڏڻ ملهايو ويو، جنهن ۾ هندو برادري پاران مندرن کي خوبصورت بتين سان سينگاريو ويو، مک تقريب سرڪٽ هائوس ۾ قائم درگا شيو مندر ۾ ٿي، جتي ٻارڙن ۽ عورتن پاران ڏيئا ٻاري پوڄا پاٺ ڪئي وئي، جڏهن ته هڪٻئي کي مٺايون کارائي ڏياري جون واڌيون ڏنيون ويون، لاڙڪاڻي ۾ هندو برادري طرفان پنهنجي گهرن کي رنگ برنگي لائيٽن سان ڪنوار جيان سينگاريو ويو، مردن، عورتن ۽ ٻارڙن نوان ويس وڳا پائي خوشي وچان هڪٻئي سان ڳلي ملي ڏياريءَ جون مبارڪون ڏنيون، ٽنڊومحمدخان ۾  ڏياري  جي حوالي سان پرائمري اسڪول ڪريم آباد ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ هندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين  ڏيئا ٻاريا ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا، مٺي ۾ هندو برادري پاران ڏياري جو ڏڻ ملهايو ويو، واپارين ۽ شھرين پاران شهر جي مارڪيٽن، دڪانن ۽ گهٽين کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو، مندرن ۽ گهرن ۾ پوجا پاٽ ڪري وطن جي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، ڊي سي ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر دورو ڪري پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي، عمرڪوٽ شهر جي مختلف علائقن جي مندرن ڪالي ماتا مندر، مرليڌر مندر، آکاڙا مڙهي شو مهاديو جي مندر ۾ ڏيئا ٻاري پوڄا پاٽ ڪري ملڪ جي خوشحالي ۽ سلامتي لاءۡ دعائون گهريون ويون، جڏهن ته ڏياري جي مُک تقريب عمرڪوٽ ڀرسان شو مهاديو جي مندر تي ٿي، جتي آتشبازي ڪري خوشيون ونڊيون ويون، راڄوخاناڻي ۾ ڏياري جو تهوار جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ميرواهه گورچاڻي ۾ ڏياري جو ڏڻ ملهايو پيو وڃي، هندو برادري پاران گهرن کي ڏيئن سان روشن ڪيو ويو ۽ مندرن کي بجلي جي رنگ برنگي بتين سان سينگاريو ويو آهي.