ڏهرڪي مان کنڀي گم ڪيل رهڙڪي واسي شاهنواز کونهارو کي پنجاب پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيو

0
229

ڏهرڪي مان مهينو اڳ کنڀي گم ڪيل رهڙڪي واسي شاهنواز کونهارو کي پنجاب پوليس مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو

صادق آباد پوليس جو چوڻ آهي ته ڪمن ڀٽا روڊ تي هٿياربندن سان مقابلي دوران شاهنواز کونهارو مارجي ويو، سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا

پنجاب پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويل شاهنواز مٿان مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل هئا

وارثن جو چوڻ آهي ته شاهنواز کونهارو کي مهينو اڳ ڏهرڪي جي المرتضيٰ هوٽل تان کنڀيو ويو هو، جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به موجود آهن

وارثن الزام هنيو ته پنجاب پوليس رشوت نه ڏيڻ تان اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آهي، واقعي جي اڻڌري جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي