ڏهرڪي (رپوٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي لڳ پنهنجي هاري ۽ ڀائيٽي کي ڪارنهن الزام ۾ ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو، خبر موجب کينجهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جان محمد شر ۾ زميندار غلام عرف غلامون شر پنهنجي هاري نوجوان سڌير چڍڙ ۽ پنهنجي شادي شدده ڀائيٽي مهناز شر کي گهر اندر ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي کينجو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان ۽ ناري جو لاش کڻائي ڏهرڪي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس جو چوڻ آھي ته واقعو ڪارنهن معاملي تان پيش آيو، جوبدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آھي، سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.