سکر(بيورورپورٽ) ڏهرڪي جو سماجي اڳواڻ رٽائرڊ اسسٽنٽ مختيارڪار ايڊووڪيٽ نندلعل ٻڍاڻي دل جو دورو پوڻ سبب سکر جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ ديھانت ڪري ويو، جنهن بعد وارث فوتي جو مڙهه کڻائي ڏهرڪي روانا ٿي ويا، فوتي نند لعل ٻڍاڻي جون (رسم قل) پڳڙيون اڱاري ڏينهن هندو پنچائتي هال ڏهرڪي ۾ ادا ڪيون وينديون، جڏهن ته سياسي،سماجي ۽ هندو برادري جي اڳواڻن طرفان ديانت ڪري ويل نند لعل ٻڍاڻي جي پونيئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.