ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪيءَ ۾ دڪاندارن کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي هڪ دڪاندار کي ڦورن گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. خبر موجب ڏهرڪيءَ ۾ دڪاندار وجي ڪمار ۽ تاج مڱريو شام جو دڪان بند ڪري گهر وڃي رهيا هئا ته گلاب شاهه چوڪ وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ڦر جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت تي هٿياربند گوليون هڻي تاج مڱريو کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا. واقعي بعد زخميءَ کي ڏهرڪي جي سرڪاري اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري زخمي تڙپندو رهيو، جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت کڻائي رحيم يار خان روانا ٿي ويا.