ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي)سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان گھرومعاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد جون ڪراچي ۾ گورنر ۽ وڏي وزير سان گڏجاڻيون، وفاقي گھرو وزير ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ مدد جي آڇ ڪري ڇڏي. وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته وفاق ۽ سنڌ سرڪار گڏجي ڌاڙيلن جو خاتمو آڻيندا، ضرورت پوڻ تي وفاق کان هر قسم جي مدد وٺنداسين. وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته ڌاڙيلن جون سياسي وابستگيون آهن، جيڪو به وڏو ملوث نڪتو ته ان کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبي ۾ امن ۽ امان واري صورتحال خاص طور تي لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزنن جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھه، وفاقي گھرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر ۽ آءِ جي مشتاق مھر شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو تھ شڪارپور ۽ ڪشمور ۾ سنڌو ڪناري / ڪچي جي علائقن ۾ گھاٽو ٻيلو آھي، جتي ڌاڙيلن جي ڪجھه گروھن ٺڪاڻا ٺاهيا آھن، ڌاڙيلن جا اھي گروپ پڪي واري علائقن ۾ ڏوھن جون وارداتون ڪري ِ ڪچي واري علائقي ۾ ڀڄي ويندا آھن. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته 23 مئي 2021ع تي تيغاڻي گينگ جي ڌاڙيلن پي آر جي 7 ۽ 12.7 اينٽي ايئر ڪرافٽ گنز سان پوليس تي حملا ڪيا، جنھن ڪري پوليس جي اي پي سي کي نقصان پھتو، جڏهن ته 2 پوليس اھلڪار شھيد ۽ 8 زخمي ٿيا ھئا. ھن وڌيڪ چيو ته پوليس ٻين ساٿين کي وقت سر بچائي ورتو، جنھن سبب وڌيڪ جاني نقصان کان بچي وياسين. سيد مراد علي شاھه ٻڌايو ته پوليس 11 ڏوھارين کي گرفتار ڪري ڌاڙيلن جا 6 ٺڪاڻا تباھه ڪيا آهن، هن وقت ڌاڙيلن خلاف آپريشن ھلندڙ آھي. ھن چيو ته آئون ذاتي طور تي زخمي پوليس اھلڪارن ۽ شھيد پوليس اھلڪارن جي خاندانن سان ملڻ شڪارپور ويس، وڏي وزير چيو ته اڳ ۾ سنڌ ۾ ڪانواءِ سان سفر ڪيو ويندو هو، پ پ حڪومت گرينڊ آپريشن ڪري هاِ ويز کي ڪليئر ڪرايو، هن چيو ته گڊو کان ڪوٽڙي بئراج تائين ڪچو آهي، درياءُ کان رڳو 5 کان ڪلوميٽرن تائين ٻيلو آهي، ڪشمور 3 رخي بارڊر وارو شهر آهي، هن چيو ته هي معاملو ميڊيا اٿاريو، جيئن پنجاب ۾ لڊي گينگ ماڻهن کي قتل ڪري وڊيو وائرل ڪئي. وڏي وزير چيو ته پوليس ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي، علائقي مان ڌاڙيلن جي مڪمل خاتمي تائين اھو آپريشن جاري رھندو، وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد وڏي وزير کي ٻڌايو ته رينجرز سندس اختيار ۾ آھي. جڏھن به صوبائي حڪومت آپريشن ۾ رينجرز جي خدمت حاصل ڪرڻ چاھي ته وٺي سگھي ٿي. آءِ جي مشتاق مھر ٻڌايو ته آپريشن لاءِ ڪجھه ساز ۽ سامان گھربل آھن، جنهن تي گھرو وزير آءِ جي پوليس کي چيو تھ ھُو وفاقي گھرو سيڪريٽري سان رابطوڪري تھ جيئن ڄاڻايل سامان جي فراھميءَ کي يقيني بڻائي سگھجي. ٻئي طرف وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد گورنر هائوس پهچي گورنر عمران اسماعيل سان به ملاقات ڪئي. جنهن بعد وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افواهه ڦهلايا پيا وڃن ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳي پيو، هن واضح ڪيو ته سنڌ ۾ نه گورنر راڄ پيو لڳي ۽ نه ئي وزيراعظم سنڌ ۾ مداخلت ڪرڻ ٿو چاهي، عمران خان 18هين ترميم جي وايوليشن (لتاڙ ) نه ڪندو، ڪچي مان ڌاڙيلن جو صفايو ( خاتمو ) ڪنداسين، هن چيو ته سنڌ جي وڏي سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ۾ اهو اتفاق ٿيو آهي ته ڌاڙيلن کي گڏجي منهن ڏينداسين، سنڌ حڪومت کي هر قسم جي مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، سنڌ پوليس کي هٿيار ۽ ڊرون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، وڏي وزير کي چيو آهي ته رينجرز کي اسٽينڊ بائي رکيو آهي، سنڌ حڪومت جڏهن به چاهي ۽ جتي به چاهي رينجرز کان مدد وٺي سگھي. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي چيو آهي ته ٽيڪسيلا مان اي پي سيز اچن پيون، صوبائي حڪومت في الحال ڌاڙيلن کي پاڻ منهن ڏيڻ چاهي ٿي. ٻئي پاسي مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته گورنر، وڏي وزير ۽ ڊي جي رينجرز سميت ٻين ادارن جي آفيسرن سان ملاقاتون ٿيون آهن، ايم پي ايز سان به مليو آهيان، رپورٽ ٺاهي وزيراعظم کي پيش ڪندس. هن چيو ته وزيراعظم 18هين ترميم جي لتاڙ ڪرڻ نٿو چاهي، وفاق ۽ صوبائي حڪومتون ٻئي چونڊيل آهن، امن امان صوبائي مسئلو آهي، امن امان جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏ آهيون، هر قسم جو تعاون ڪنداسين. هن چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن جون سياسي وابستگيون به آهن، جيڪڏهن ڪو وڏو نالو ملوث نڪتو ته ان کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، آئون پاڻ به ڪچي جو دورو ڪندس. هن چيو ته وڏي وزير سان 4 تجويزن تي غور ٿيو، اهو به طئه ٿيو ته ڌاڙيلن خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويندا. هن چيو ته وڏي وزير سٺو تعاون ڪيو آهي، آپريشن جي درست منصوبابندي نه ڪرڻ تي سنڌ حڪومت پوليس آفيسرن کي به تبديل ڪيو آهي. هن ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيارن جي موجودگي بابت سوال جو جواب طنزيه انداز ۾ ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ نهاري واري وٽ به هٿيار هوندو آهي، انهن وٽ جيتري وڏي ديڳ هوندي آهي، هٿيار به ايترو وڏو رکن ٿا، اوهان کي ڪچي جي ڌاڙيلن تي اعتراض آهي. وفاقي گھرو وزير چيو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ ايم پي ايز کي ڪافي شڪايتون آهن، اهي هتي ٻڌائي نٿو سگھان، اهي شڪايتون وزيراعظم آڏو رکندس. هن چيو ته پي ٽي آءِ ايم پي ايز سينيٽر سيف الله ابڙو جي ڀاءَ رحمت ابڙو جي حوالي سان درخواست ڪئي آهي ته سندس ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪچي ۾ هفتي کن تائين مصروف آهي، ان تي بعد ۾ سنڌ حڪومت سان ڳالهائيندس. هن چيو ته نادرا وارن ڪروڙن جي ڪرپشن ڪري اهڙن ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا، جن تي بعد ۾ دهشتگردي جا ڪيس ظاهر ٿيا، نادرا وارن جون صرف نوڪريون نه وينديون، انهن سان سختي سان پيش اچبو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اوهان کي ن مان ش نڪرندي نظر نٿي اچي، مريم نواز پ پ پ جي پي ڊي ايم ۾ واپسي جي حوالي سان شاهد خاقان جي موقف جي تائيد ڪئي. هن چيو ته عمران خان 5 سال حڪومت ڪندو . وفاقي گھرو وزير چيو ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي آهي، عمران خان جي حڪومت ۾ به مهانگائي آهي، مون اڳ به چيو ته پگھارون وڌايون وڃن، هاڻي پگھارون وڌايون وينديون، مسنگ پرسنز جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ قانون آڻيون پيا.