ڊگهڙي (ن پ ا) ڊگهڙي شھر جي عمرالدين ٽائون ڪالوني ۾ 2 سڳا سئوٽ 6 ورهين جو چندر ولد مدن لال لوهار ۽ 5 ورهين جو هتيش پٽ واشو لوهار راند ڪندي گهرن ڀرسان تعمير ٿيندڙ تلاءِ ۾ ڪري ٻڏي ويا، گهر ڀاتين ٻارڙا گم ٿيڻ بعد سندس ڳولها شروع ڪئي ته پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻارن کي ڪريل ڏسي کين پاڻي مان ڪڍي فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگهڙي منتقل ڪيو، جتي جتي ڊاڪٽرن سندن موت جي تصديق ڪئي، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد ٻارڙن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻي طرف مڙهه گهر پهچڻ تي ٻارڙن جا والدين ۽ عزير اوڇنگارون ڏئي روئندا رهيا، جڏهن ته ٻن ٻارڙن جي فوتگي بعد علائقي ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو.