ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 165( 164.95) رپين تي پهچي ويو، سون 500 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 500 رپيا لاٿ سان 109500 مان گهٽجي 109000 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 10 رپيا گهٽتائي سان 1450 مان 1440 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف ڊالر 10 پئسا واڌ سان164.85 مان 164.95 رپين تي پهتو، ٻئي طرف پائونڊ 10 پئسا واڌ سان 228 مان 228.1 ۽ يورو 10 پئسا واڌاري سان 194 مان194.1 رپيا ٿي ويا.