ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 312 رپين تي پهتو: سون وڌيڪ 1700 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1700 رپين جي لاٿ سان 234500 مان 232800 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون  11 ڊالرن جي اضافي سان 1956 ڊالر في آئونس تي پهتي، واضح  رهي ته 2 ڏينهن دوران سون 3500 رپيا سستو ٿيو آهي، ٻئي طرف چاندي 3080 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف ڊالر  اوپن مارڪيٽ ۾  هڪ رپيو لاٿ سان 311 مان 312 ۽ انٽر بينڪ ۾ 70 پئسا لاٿ سان 285.35 رپين تي بند ٿيو، هڪ موقعي تي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 316 رپين تي وڪرو ٿيو، هوڏانهن  پائونڊ هڪ رپيو اضافي سان 384 مان 385 ۽ يورو 50 پئسا واڌ سان 334 مان 334.5 رپين تي پهتا.