لاس اينجلس(انٽريسٽنگ نيوز) ٽيٽو آرٽ جي دنيا ۾ هڪ ڇوڪري يونو جو نالو تمام گهڻو مشهور آهي، هن ايترا ته ٽيٽو ٺاهيا آهن جو سندس مٿان نالو به ٽيٽو پئجي ويو،  ميڊيا رپورٽ موجب 28 سالن جي يونو جو نالو ٽيٽو آرٽسٽن جي دنيا ۾ وڏو نالو آهي، يونو ڏکڻ ڪوريا ۾ پيدا ٿي ۽  اتي ئي وڏي ٿي،  پر سنهري موقعي جي تلاش ۾ هوءَ به ٻين جيان آمريڪا جو رخ ڪري ورتو، يونو کي ٽيٽو ٺاهڻ جي شوق جو احساس تقريبن ڏهاڪو کن اڳ ٿيو جڏهن ان جي والده پاڻ لاءِ ٽيٽو ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هڪ سٺي ٽيٽو آرٽسٽ جي ڳولا ۾ پنهنجي ڌي کان مدد گهري. يونو جي فن کي ڏسي دنيا دنگ رهجي وئي، هن 2014 ۾ پيشيوراڻي طور تي ٽيٽو ٺاهڻ شروع ڪيا، نيٺ هڪ وقت اهڙو به آيو ته ٽيٽو جي دنيا ۾ هن حقيقت پسنداڻه ٽيٽو ٺاهڻ ۾ پنهنجو نالو خوب ڪمايو.