ڇور (ن پ ا) ڇور ويجهو ڳوٺ فقير موڙ جي رهواسڻ 25 ورهين جي شادي شده ريشما زال رائيچند ڪولهي مڙس سان ناراض ٿي زهريلي دوا پي ڇڏي، وارثن عورت کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو، جتي طبي امداد بعد عورت جي طبيعت بهتر ٻڌائي پئي وڃي، ان حوالي سان علائقي واسين ٻڌايو ته عورت مڙس کان ناراض ٿي آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي، ٻي طرف اطلاع نه ڏيڻ ڪري حد جي پوليس واقعي کان بي خبر بڻيل رهي.