اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) ٻين صوبن جي رهندڙ ماڻهن کي سنڌ جي آبادي ۾ شامل ڪرڻ جو ايم ڪيو ايم جو مطالبو منظور ڪيو ويو آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊي جيور طريقي سان ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس پاران ستين آدمشماري ۽ گهرشماري جي 2022ع جي حوالي سان ملڪ جي پهرين ڊجيٽل آدمشماري جو ورڪشاپ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ڪرايو ويو. شماريات بيورو جي پڌرائي موجب علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر ضياءُ القيوم خطاب ڪندي ادارن پاران هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. ڊجيٽل آدمشماري جي فوڪل پرسن محمد سرور گوندل چيو ته آدمشماري جي نتيجن کي وڏي پئماني تي قبوليت جوڳو بڻائڻ لاءِ شروع کان آخر تائين اسٽيڪ هولڊرن جي شموليت ضروري آهي، جنهن سان هنن جو آدمشماري بابت نظريو واضح ٿي ويندو ۽ هو هن عمل جي مالڪي ڪندا. هن چيو ته پهريون ڀيرو آدمشماري لاءِ جديد اوزار ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي جيو ٽيگنگ ۽ ليپٽاپ استعمال ٿيندا، ماڻهو پاڻ خودڪار نظام ذريعي نيموريٽر بڻبا. 2017ع جي آدمشماري ۽ گهر شماري ۾ آيل مونجهارن کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويا آهن. آدمشماري لاءِ سوالنامو به تيار ڪيو ويو آهي. ماهر شماريات ڊاڪٽر نعيم ظفربه خطاب ڪيو. پڌرائي موجب صوبائي راڄڌانين ۾ اهڙا ٻيا ورڪشاپ به منعقد ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ڊجيٽل بنيادن تي آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان باري ۾ صوبائي حڪومتن کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو. جڏهن قومي آدمشماري ڪوآرڊينيشن سينٽر به قائم ڪيو ويندو. فيصلو ڪيو ويو آهي ته آدمشماري لاءِ ڊي جور De jure طريقو استعمال ڪيو ويندو. ڊي جور جي سمجهاڻي ڏيندي چيو ويو آهي ته ان جو مقصد آهي ته اهي ماڻهو ڳڻپ ۾ شامل ڪيا ويندا جيڪي ڪنهن هنڌ ڇهن مهينن کان رهن پيا يا وري ايندڙ ڇهن مهينن تائين رهڻ جو منصوبو رکن ٿا. ذريعن جو سمجهاڻي ڏيندي چوڻ آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ ٻين صوبن جي ماڻهن کي به آدمشماري ۾ شامل ڪيو ويندو چاهي اهي سنڌ جا مستقل رهواسي نه به هجن. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو اهو مطالبو رهيو آهي ته جيڪي ماڻهو رڳو ڪمائڻ لاءِ سنڌ ۾ ٿوري وقت لاءِ اچن ٿا انهن کي به آبادي ۾ شامل ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم جو اهو مطالبو مڃيو ويو آهي. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊي جور بنيادن تي آدمشماري ڪئي پئي وڃي.