لاهور (م ڊ) ن ليگ جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت جا ضمير رکندڙ ميمبر جرئت جو مظاهرو ڪندي پارليامينٽ ۾ مني بجيٽ کي رد ڪن. جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ناڻي وارن ذخيرن ۾ گهٽتائي کان بچڻ جي لاءِ عالمي ڪمرشل بئنڪن تي ڀاڙڻ اسان جي خدشن جي تصديق آهي، ڊالر حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي بئنڪن تي ڀاڙڻ حڪومتي پاليسي باهه سان راند کيڏڻ برابر آهي، مني بجيٽ قبول ناهي، هي پارليامينٽ جي هر ميمبر جو امتحان آهي، اميد آهي ته حڪومت جا ميمبرز به دليري وارو فيصلو ڪندا. هن چيو ته حڪومت جا اتحادي عوام ۽ پاڪستان تي ظلم ۾ شامل ٿيا ته تحريڪ انصاف سان گڏ اهي به ڏوهه ۾ شامل هوندا، مني بجيٽ ذريعي پاڪستان جا هٿ پير ٻڌڻ جي تياري ٿي رهي آهي، 2018 کان هيل تائين هي حڪومت قرض 40 ارب ڊالرز تائين پهچائي چڪي آهي، جيڪو خوفناڪ عمل آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرئين 5 مهينن دوران حڪومت 4 ارب 96 ڪروڙ ڊالرز پرڏيهي قرض ورتو. سندس چوڻ هو ته پرڏيهي قرض مان 3 ارب 45 ڪروڙ غير ترقياتي مقصدن لاءِ آهن، بجيٽ ڪاٿي کان هيل تائين 4.699 ارب ڊالرز جمع ٿيا آهن.هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي اگهه ۾ پوڻا 6 رپيا واڌ وارو مطالبو ظلم آهي، حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي، جنهن سان عام ماڻهوءَ جي آمدني ۽ خريداري جي طاقت ختم ٿي ويندي.