ڇا معيشت مديني جي رياست بڻجڻ سان بهتر ٿيندي ؟

0
330
ڇا معيشت مديني جي رياست بڻجڻ سان بهتر ٿيندي ؟

 اڳوڻي ناڻي واري وزير شبر زيدي جي هڪ تقرير واري وڊيو پياري ساٿي ميرمختيار ٽالپر موڪلي آهي جيڪا ملڪ جي سمورن بنيادن کي ۽ مذهبي ٽچ سان مفروضياتي سياست ڪندڙ سياسي جماعتن ۽ انهن جي اڳواڻن جي سوچ کي ڌوڏي رکڻ لاءِ ڪافي آهي. شبر زيدي جي هيءَ تقرير پاڪستان جي هڪ معاشيات جي تعليم ڏيندڙ اداري”انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ مئنيجمينٽ“ ۾ ڪيل آهي اها خبر ڪونهي ته ڪڏهن جي آهي، پر جملن مان لڳي پيو ته هن ئي مهيني جي ڪنهن ڏينهن جي آهي. شبر زيدي جو چوڻ آهي ته ”ٻه ڳالهيون پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏيو هڪ اهو چوڻ ته هي ملڪ خدا جي رحمتن سان مالامال آهي، اها رحمت مونکي ستر سالن ۾ نظر ڪونه آئي ۽ ٻيو اهو ڪڍي ڇڏيو ته هي مملڪتِ خداداد آهي. ڪائي مملڪتِ خداداد ناهي هي هڪ سياسي ڊوولپمينٽ آهي. هڪ سياسي ڊوولپمينٽ ٿي ان ۾ هي ملڪ ٺهي ويو،ٻي اهم ڳالهه ته هي ملڪ تڏهن هلي سگهي سگهي ٿو جڏهن هن ملڪ مان آئيڊيالاجي کي نيڪالي ڏني وڃي.

توهان آئيڊيالاجي جي بنيادن تي معيشت کي نه ٿا ڄاڻي سگهو.” تقرير جو متن اڃان وڌيڪ به ڪجهه آهي جيڪو انهي کان به سخت آهي. سندس همٿ کي داد ڏجي جنهن هڪ سرڪاري تعليمي اداري ۾ بيهي ايترو ته ڪڙو سچ ڳالهايوآهي جو کيس سلام پيش ڪرڻ تي دل ٿي ڪري. شايد هاڻي اهو بحث تيزي سان عام جام ٿيڻ شروع ٿي ويندو ته مذهب کي رياست کان الڳ ڪرڻ گهرجي يا مذهبي بنيادن تي ملڪ جي نظريات کي خدا جي طرفان ٺاهي ڏنل هي ملڪ ”پاڪستان ڪا مطلب ڪيا لااله الاالله ”   جي منشور تي هلڻ گهرجي! ملڪ جي سڀني گهڻ گهرن کي شايد اهو هاڻي سمجهه ۾ اچڻ لڳو هجي ته پاڪستان جي لاءِ مذهبي انتهاپسندي ئي وڏو چئلينج بڻجي چڪي آهي. عمران خان جي سياست ۽ جلسن جلوسن ۾ مذهبي ٽچ کان وٺي تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان هن ملڪ جي سالميت لاءِ تمام وڏو خطرو بڻجي چڪا آهن.ملڪ جي معيشت جو سمورو دارو مدار ٻاهرين سرمائيڪار جي سيڙپڪاري تي منحصر هجي ٿو، پر جنهن ملڪ جي اندر سيالڪوٽ ۾ هڪ سريلنڪا جي شهري کي بي رحمي سان مذهب جي نالي تي موت جي منهن چاڙهڻ جهڙا واقعا ٿيندا هجن ۽ ٽنهي سرحدن، انڊيا، ايران ۽ افغانستان تان حملا ٿيندا رهندا هجن اتي ڪير اچي پنهنجا پئسا سيڙائيندو ۽ ڪاروبار ڪندو. اتي ته صرف جنگي سامان وڪڻندڙ ۽ جنگين جو ماحول پيدا ڪندڙ ئي پنهنجا مفاد ۽ موقعا تلاش ڪندا.

يونائيٽيڊ نيشنس جي سيڪيورٽي ڪائونسل پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان اشرف غني جي افغانستان ۾ دور حڪومت دوران پاڻ کي منظم ڪيو هن وقت انهن وٽ چار هزار ويڙهاڪ موجود آهن جن جو تعلق دنيا جي مختلف ملڪن سان آهي. اهي ويڙهاڪ پاڪستان افغانستان جي اولهه ۽ ڏکڻ اولهه واري سرحدي علائقن ۾ موجود آهن. جڏهن کان افغانستان ۾ طالبان حڪومت سنڀالي آهي تنهن ڏينهن کان وٺي انهي سرحدي حدن ۾ پاڪستان جي فوجي جٿن ۽ چوڪين تي هن وقت تائين سوين حملا تحريڪ طالبان پاڪستان جي ويڙهاڪن هٿان ٿي چڪا آهن. رڳو هن سال جي اندر هن وقت تائين ۴۶ حملا ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ۷۹ پاڪستاني فوجي جوانن جون جانيون قربان ٿي چڪيون آهن.

پاڪستان جي سرڪار افغانستان جي طالبان حڪومت ۽ باالخصوص حقاني گروپ جي معرفت پهرين ڏينهن کان جنگ بندي لاءِ ڳالهيون ڪري رهي آهي. هن وقت تائين ڳالهين جا ٽي دور ٿي چڪا آهن جنهن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان(ٽي ٽي پي) جا پاڪستان جي جيلن ۾ موت جي سزا آيل ڪجهه مکيه اڳواڻ پڻ آزاد ڪيا ويا آهن پر انهن سڀني مطالبن جي مڃجڻ جي باوجود ٽي ٽي پي پاڪ افغان سرحدن تي جنگ جاري رکيو پئي اچي. ٽي ٽي پي جي ويڙهاڪن ۾ القاعدا ۽ داعش جا اهي ويڙهاڪ به شامل آهن جن جي مٿان عالمي برادري جون پابنديون لڳل آهن. افغان طالبان جي اڳواڻ سراج الدين حقاني جي ٽياڪڙي ۾ٽي ٽي پي، ويجهڙ ۾  رمضان واري عيد بعد، پاڪستان جي سرڪار سان جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي ناڪام ويون. ٽي ٽي پي جا جيڪي مطالبا آهن اهي پاڪستان جي سرڪار لاءِ ڪنهن به حالت ۾ قابل قبول نه هوندا. ٽي ٽي پي جيڪي مطالبا ڪيا اهي هيٺين ريت آهن.

 پاڪستان جي قبائلي علائقن مان پاڪستاني فوجن جي نيڪالي.

ڪي پي  ۾ ضم ڪيل قبائلي علائقن جي واپس بحالي.

ٽي ٽي پي جي ماڻهن مٿان داخل ڪيسن جو خاتمو ۽ گرفتار ٿيلن جي آزادي.

۽ آخري مطالبو آهي پاڪستان جي ڪي پي  صوبي جي مالاڪنڊ ڊويزن ۾ اسلامي شريعت جي بنياد تي نظامِ عدل لاڳو ڪرڻ.

ٽي ٽي پي جي ويڙهاڪن ۾ ۱۷ عالمي ويڙهاڪ گروهه شامل آهن جن جو پاڻ ۾ متحد رهڻ صرف انهي تي مشروط آهي ته هو ڪنهن به ريت پاڪستان جي سرڪار کي ڪمزور ڪن ۽ اتي آهستي آهستي اسلامي نظام کي لاڳو ڪن يا عدم استحڪام جي صورت ۾ ملڪ خانا جنگي طرف وڌي وڃي ته انهي جو فائدو وٺندي ڪجهه علائقن تي قبضو حاصل ڪري وٺن. انهي سموري صورتحال ۾ هن وقت پاڪستان جي رياست جيڪڏهن مذهب کي رياست کان الڳ نه ڪندي ته اهو ڏينهن پري ناهي جنهن ڏينهن هن ملڪ جون سموريو مذهبي جماعتون انهن ٽي ٽي پي جي پيڙهاڪن سان““پاڪستان ڪا مطلب ڪيا ”چئي گڏجي پون.

مديني جي رياست وارو بيانيو ٺاهي مذهبي ٽچ سان سياست جي ميدان ۾ منظر کي گرمائيندڙ عمران خان ۽ ان جي پٺيان هلندڙ سمورن نوجوانن توڙي عمر رسيده رٽائر فورسز جي ڪلين شيو ڪرنلس کي به سوچڻ گهرجي ته ڇا هو پاڪستان جو منظر به اهڙو ڏسڻ گهرن ٿا جيڪو اڄ افغانستان جو آهي؟ جيڪڏهن انهي پاڪستان جي حاصلات کي هو حقيقي آزادي سمجهن ٿا ته پوءِ شايد انهن کي اهو اندازو ڪونهي ته اهڙي غلامي کان وڌيڪ بدترين غلامي ڪهڙي ٿيندي آهي.

هن ملڪ جا جيڪي حقيقي مسئلا آهن جيڪڏهن انهن جي طرف ڌيان نه ڏنو ويو ته هي ملڪ رياست مدينه ته بڻجي يا نه بڻجي پر شام، لبنان ۽ افغانستان ضرور بڻجي سگهي ٿو. اهي سڀ مفروضا جن جي بنيادن تي ملڪ کي دٻڙ دئونس سان ستر سالن کان هلايو ويو آهي انهي تي غور فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وقت ڪمزور معيشت ملڪ جي لاءِ سڀئي اندروني توڙي بيروني خطرا کڻي اچي رهي آهي. جيڪڏهن هن وقت به واڳ ڌڻين کي اهو لڳي ٿو ته عبوري رٿائن سان ملڪ کي گهلي سهلي هلائي ويندا ته اها سندن خام خيالي ٿي سگهي ٿي. هن ملڪ جي اندروني نظام  ۾ گهڻ قومي ملڪ واري وفاقي نظام طور انهي جو هلائڻ، مذهب کي رياست کان الڳ ڪرڻ ۽ معيشت کي جديد بنيادن تي سمجهي انهي جا بنياد وجهڻ سان هي ملڪ هلي سگهي ٿو. هن ملڪ جي ٻي جيڪا سڀ کان وڏي خرابي آهي سا اهليت جو خاتمو ۽ بي ايمان ڪامورن ۽ حڪمرانن جي راڄ کي قائم رکڻ آهي. جيسين ملڪ مان بي ايماني جو راڄ ختم نه ٿيندو ۽ اهليت کي مان نه ملندو تيسين ڪنهن به اداري جي اندر ڪا بهتري نه ٿي سگهندي. انهي سان گڏوگڏ ڪنٽرولڊ گورننس ۽ ڪنٽرولڊ ادارا پڻ ڪنهن به طرح ملڪ جي معاشي طرقي ۾ ڪو ڪردار ادا نه ڪري سگهندا. اڄ جي دور ۾ دنيا سان گڏ هلڻ لاءِ آزاد ۽ خودمختيار ادارن توڙن فردن ۽ قومن سان ئي ترقي ممڪن آهي.