ڇا عمران خان وري غلطي پيو ڪري

0
185
ڇا عمران خان وري غلطي پيو ڪري

 پي ٽي آءِ جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان 25 اپريل تي پنهنجي هڪ ويڊيو بيان ۾ پوري ملڪ جي پارٽي ڪارڪنن، همدردن ۽ عوام کي اسلام آباد جي ڌرڻي جي لاءِ تيار رهڻ لاءِ چيو آهي. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته “ هو ڪجهه هفتن ۾ ڪال ڏيندو توهان سڀ اسلام آباد پهچي وڃو ۽ مون سان گڏجي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي ويهي رهو اسان جو ڌرڻو انهيءَ وقت تائين رهندو جيستائين نئين چونڊن جو اعلان نه ٿو ٿئي جڏهن نئين چونڊن جو اعلان ٿيندو ته تڏهن ئي ڌرڻو ختم ڪنداسين..” عمران خان هڪ طرف جلد چونڊون ڪرائڻ لاءِ تحريڪ جو اعلان ڪيو آهي ته ٻئي طرف 26 اپريل يعني ڪالهه  اليڪشن ڪميشن جي مرڪزي آفيس کان سڄي ملڪ جي آفيسن ٻاهران پارٽي ڪارڪنن کي احتجاج جي لاءِ به چيو آهي،جنهن سڏ تي احتجاج ٿيا به آهن. هو پنهنجي دور اقتدار ۾ اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين سان گڏوگڏ پوري اليڪشن ڪميشن تي بي اعتمادي جو اظهار انتها درجي جي لفظن ۾ ڪري چڪو آهي.

پنهنجي پوڻن چئن سالن جي اقتدار ۾ هن اليڪشن ريفارمز آڻڻ ۾ ڪنهن به سنجيدگي جو اظهار نه ڪيو پر ان وقت تمام پارٽين تي پنهنجا فيصلا مسلط ڪرڻ جي لاءِ اليڪشني ريفارمز جن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو آڻڻ ۽ غير ملڪي پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏيارڻ ته شامل هو پر انهيءَ کان وڌيڪ اليڪشن جي لاءِ انتهائي لازمي تڪبندي جي ضرورت کي ايتري حد تائين نظر انداز ڪيو جو اليڪشن ڪميشن بي اعتمادي رٿ جي گھوٽالي دوران سپريم ڪورٽ کي ٻڌايوته هنن وفاقي سرڪار کي 23 ڀيرا خط لکيا آهن ته هو تڪبندين جي لاءِ ڪميشن سان سهڪار ڪري پر وفاقي سرڪار جي پاران ڪنهن به قسم جو جواب نه ملي سگھيو، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن ڪورٽ سڳوري کي چيو ته هو گھٽ ۾ گھٽ ستن مهينن کان اڳ ۾ اليڪشن ڪرائڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. ڪورٽن جي آيل فيصلن کان پوءِ عمران خان جيڪا تنقيد ڪورٽن تي ڪري ٿو اها به عوام جي اڳيان آهي پر انهيءَ کان پهريان به هو هر وقت ڪورٽن جي انهن فيصلن تي تنقيد ڪندو رهيو آهي جيڪو فيصلو سندس مزاج ۽ مفاد جي خلاف محسوس ٿيو آهي. ڀلا ڪنهن کان هي وسريو هوندو ته نواز شريف جي بيماري دوران ان کي پرڏيهھ موڪلڻ جو فيصلو خود وفاقي سرڪار پنهنجي پوري سمجهھ عقل ۽ ميڊيڪل رپورٽن کان پوءِ ڪيو پر ٻئي ڏينهن تي اهو الزام ڪورٽن جي مٿان ڦٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن وقت عمران خان حڪومت  وڃائڻ کان پوءِ جيڪو پنهنجي پارٽي جي اعليٰ منصب تي فائز عهديدارن کان ڪرائي رهيو آهي ڇا اهو قانون ۽ آئين مطابق آهي؟ قومي اسيمبلي جي بحران کان پنجاب اسيمبلي جي بحران تائين جيڪو تماشو ٿئي پيو اهو اسان سڀني جي اڳيان آهي هاڻي جڏهن عمران خان کي رياست جي ڪنهن به اداري تي ڀروسو ناهي نه هو اليڪشن ڪميشن تي اعتماد ٿو ڪري نه ملڪ جي اعليٰ عدالتن تي وفاقي اتحادي حڪومت کي ته هو چئي ئي امپورٽيڊ حڪومت ٿو،

اهڙي حڪومتي ۽ انتظامي ماحول ۾ اليڪشن جو مطالبو ڪرڻ جي پويان ڇا حڪمتِ عملي ۽ مقصد ٿي سگھن ٿا؟ انهيءَ کي سمجھڻ هڪ حد تائين يعني جيڪو بظاهر موجود آهي ته آسان آهي پر پس پرده حڪمتِ عملي جي ڄاڻ ته عمران خان کي ئي آهي. يعني جيڪڏهن سڀاڻي وفاقي حڪومت اليڪشن جو اعلان ڪري ته هو نگران سيٽ اپ ڪهڙو چاهيندو؟ ڇا اهڙو نگران سيٽ اپ هجي جيڪي  پي ٽي آءِ جا پو ئلڳ ۽ منشي هجن غير جانبداري ته هن کي ڪنهن به صورت م پسند نٿي اچي، ڇو ته سندس چوڻ مطابق غير جانبدار “جانور ٿيندو آهي ” هن وٽ انسان جي تشريح اها آهي ته هو ڪنهن جي به ڌر ٿئي پر غير جانبدار نه ٿئي پر سندس چٽن لفظن جو مقصد هي آهي ته انسان کي “حق ۽ سچ”جو ساٿ ڏيڻ گھرجي، حق ۽ سچ به اهو جيڪو خان صاحب پاڻ چئي ٿو. اهڙي ماحول ۾ ڇا هو اهو ٿو چاهي ته اهي مطالبا ڪجن جي مرضي مطابق سيٽ اپ ۽ نتيجا نه ملن ته انهن کي نه مڃجي ۽ پوءِ مسلسل بحران در بحران پيدا ڪندي الزام تراشين جي بنيادن تي هڪ اهڙو گوڙ ۽ گھمسان ڪجي جنهن ۾ اتحادي حڪومت ۽ رياست جا ادارا سخت پريشان ٿي هن جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪن ۽ هو هڪ دفعو وري هارايل جنگ جو فاتح ٿي وڃي. ڇا اهو ممڪن آهي ته هو جيڪو ڪجھه چاهي ٿو اهو حاصل ڪري ويندو يا هن کي ڪجھه خاموش ۽ لڪيل دماغ گروھه ۽ طاقتون اها حڪمتِ عملي ٻڌائي رهيا آهن ته هو سڀ ڪجھه ايئن ڪري ۽ ان جو فائدو هن کي هڪ عظيم فاتح جي صورت ۾ ملندو.

پارلياماني جمهوريت جي اندر سياست جو بنياد اصول هي رهيو آهي ته تمام چونڊيل نمائندن کي جمهوري اصولن ۽ روايتن مطابق حيثيت ڏجي ۽ انهن جي عزت ڪجي. بيشڪ ڪنهن فرد سان ڪيترا به اختلاف هجن ۽ انهيءَ جي شخصيت تي ڪهڙا به الزام هجن پر ان جي چونڊجي اچڻ کان پوءِ ان سان جمهوري ۽ عزت وارو ورتاءُ ان سان نه پر ماڻهن جي ڏنل ووٽن سان ڪرڻ لازمي هوندو آهي ۽ اهو ئي هڪ طريقو آهي، جمهوريت جي سخت ۽ ڏکين فيصلن ڪرڻ جو يعني جنهن کي توهان پسند نٿا ڪريو پر هو جن جي نمائندگي ڪري ٿو انهن جي عزت ۾ ان سان ڳالهائڻ ۽ ريسپيڪٽ ڏيڻ لازمي هوندو آهي. عمران خان پنهنجي اقتداري ڏينهن ۾ پنهنجي مخالفن سان هڪ جمهوري رويو اختيار ڪري ها احتسابي ادارن کي غير جانبدار رکندي پوري شفافيت سان اڳتي وڌي ها ته ملڪي صحافت جي اڪثريت ڪڏهن به هن جي خلاف نه ٿئي ها ۽ نه وري اڪثريتي دانشور هن تي تنقيد ڪن ها پر انهيءَ کان هٽي ڪري پوري دنيا هن جي جمهوري ۽ شفافيت جي اصولن کي سامهون رکي کيس موٽ ڏئي ها پر هن ايئن ڪرڻ جي بجاءِ اهو عمل ڪيو جيڪو اقتدار جي طاقت کي پنهنجي مٺ ۾ رکڻ جي لاءِ ليڊر ڪندا آهن ۽ اهڙن ليڊرن تي هر وقت فاشسٽ پسنديءَ جو ليبل لڳندو رهيو آهي، جيڪو هاڻي اسان جي پياري خان صاحب جي مٿان لڳي رهيو آهي. عمران خان جي انهيءَ رويي هن کي هڪ طرف تمام سياس پارٽين جي هڪ وڏي اڪثريت کان الڳ ڪري ڇڏيو ته ٻئي طرف خوف هن جي پارٽي جي اندر هن جي روين جي ڪري ڏار وجهي ڇڏيا.

سندس اتحاد ۾ هڪ طرف ق ليگ رهي ته ٻئي طرف ايم ڪيو ايم ۽ ٽئين باپ جن وقت تي پنهنجون معذرت خواهون ۽ الزام هڻندي عليحدگي ڪئي ڇا عمران خان موجوده پوري سيٽ اپ ۾ ۽ سياسي گرائونڊ ريئلٽيز کي نٿو سمجھي ته جيڪڏهن ايندڙ اليڪشن ٿي ته هو ڪنهن به صورت ۾ گڏيل مخالف ڌر کي ايئن بند گھٽيءَ ۾ نٿو بيهاري سگھي جيئن 2018 جي اليڪشن ۾ هنن کي بيهاريو ويو هو. ڪيتري به شفاف ۽ اڻ ڌري اليڪشن ٿئي ته خان صاحب حڪومت سازي جي پوزيشن ۾ ڪنهن به صورت ۾ نٿو اچي سگھي ڇا پوءِ هو پنهنجو بيانيو بدلائي هڪ جمهوري ڪردار ادا ڪندي پارليامينٽ ۾ ويهندو يا هو الزامن جي هڪ نئين بندوق سان مخالف سياست تي حملا آور ٿيندو؟ سياست جي اندر ڇا اها معمولي سمجھه هن کي سمجھه ۾ نٿي اچي ته هن وقت دنيا جون ۽ ملڪ جون حالتون انهيءَ حد تائين ناهن ۽ نه وري ان حد تائين پهچائي ئي نتيجا وٺي سگھي ٿو. اسان کي هي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي مخالف اتحاد تي آمريڪي حمايت جو الزام هڻندي انهن تي تنقيد ڪئي هئي ته 77 جي اليڪشن کان پوءِ جڏهن اتحادين نتيجا نه مڃيا ته خود ذوالفقار علي ڀٽي پي اين اي قيادت کي نه رڳو ڳالهين جي دعوت ڏني پر انهن جا مطالبا به مڃيا جو جماعت اسلامي جي اڳواڻ پروفيسر غفور احمد اعتراف ڪندي چيو هو ته ڀٽي ۽ پي اين اي جي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون هيون صبح جو اعلان ڪرڻو هو پر رات جو جڏهن جنرل ضياءَالحق کي اها خبر پئي ته هن مارشل لا لڳائي.

انهيءَ کان پوءِ ڀٽي تي فاشسٽ جو الزام نه لڳو ڇو ته هن اپوزيشن کي تڪليفن ڏيڻ جي باوجود هر وقت ڪنسيڊر ڪيو هو.73 جي آئين انهيءَ جو وڏي کان وڏو گواهي ثبوت آهي. عمران خان جيڪڏهن اهو ٿو سوچي ته هو آمريڪا جا الزام مڙهي ۽ سياست جي ميدان ۾ فاتح سڪندر بڻجي اسلام آباد ۾ جھنڊو لوڏائيندو ته اها ان جي اهڙي سياسي غلطي آهي جيڪا غير جمهوري مزاج رکندڙ تاريخ جي ڪيترن ئي ليڊرن ڪئي آهي ۽ هي به ڪري پيو. اليڪشني دٻاءُ وجھڻ کان پهريان خان ڀائي کي سنجيدگيءَ سان پنهنجي پاران عبوري سيٽ اپ جو ۽ حڪمتِ عملين جو چارٽر ۽ پروگرام ڏيڻ گھرجي جنهن جو اثر ٿي سگھي ٿو ۽ صرف ڌونس ۽ داداگيري جمهوريت ۾ نٿي هلي سگھي. پوءِ اها جمهوريت ڪيتري به ڪمزور ۽ بيمارين ۾ وڪوڙيل هجي پر اها پوءِ به آمراڻي ، فاشسٽ سياست کان طاقتور هوندي آهي. عمران خان هي ڪڏهن به نه وساري ته هن جي اها دٻاءَ واري غلطي اتحادين کي وڌيڪ هڪ ٻئي جي ويجھو آڻيندي ۽ نئين حڪومت اندروني اختلافن تي ڪنٽرول ڪري بعد ۾ اليڪشن جي طرف وڌندي ۽ جيڪا اليڪشن ڀلي خان ڀائي کي قبول نه هجي پر عوام ۽ دنيا لاءِ گھڻي حد تائين قابل قبول هوندي.