چڱو دبئي، هاڻي هلئون ٿا

0
171
چڱو دبئي، هاڻي هلئون ٿا

 پنجاھه سال اڳ دبئي هڪ ننڍو ڳوٺ هئو، هڪ پاسي ننڍين ٻيڙين تي مڇي ماري پيٽ گذر ڪندڙ عرب ملاح هئا ۽ ٻئي پاسي واريءَ جي دڙن تي اٺ چاري پيٽ گذر ڪندڙ عرب جت هئا، هڪ ليڊر کين گڏ ڪري اهو يقين ڏياريو ته پوري دنيا صرف ان ملڪ جي عزت ڪندي جيڪو کين پنهنجي ملڪ جي ڌرتي ڪاروبار لاءِ کولي ڏئي ته توهان پنهنجي مذهب، فرقي، عقيدي، ٻولي، رنگ، نسل تي قائم رهو، جيڪو وڻي پايو، جيڪو وڻي کائو، توهان کي ڪير به روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪونهي. بس اسان جي ملڪ جي شهريت نه ملندي، اسان جي ملڪ جي قاعدن قانونن جو احترام ڪريو ۽ اسان جي ملڪ ۾ ايندڙ ٻئي ڪنهن به ماڻهو کي پريشان نه ڪريو.  بس اڌ صدي ۾ دبئي پوري دنيا جو سڀ کان وڏو تجارتي ملڪ ۽ سڀ کان وڏو سياحتي مرڪز بڻجي ويو.  ترقي ڪرڻ لاءِ پنج ڏھه هزار سالن جي تهذيب نه گهرجي، ترقي ڪرڻ لاءِ اهو لازمي آهي ته ٻين جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪريو ۽ نه ئي ٻين کي پنهنجي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ڏيو. (فيس بوڪ وال تان ورتل)