چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر) چڪ ڀرسان ڳوٺ فقير گڻگائي مهر ۽ ٻاجھي ڀرڙ جي رهواسي ٻن ڌرين وچ ۾ مينهن جي ڦر تان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ وڌي وئي، ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ شروع ٿي وئي، گڻگائي فقير برادري جو نوجوان اعجاز احمد پٽ انور فقير گڻگائي گوليون لڳڻ ڪري قتل ٿي ويو ۽ ٻي ڌر جو شهمور ڀرڙ زخمي ٿي پيو، پوليس پنج ڪلاڪ دير سان پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي لکي غلام شاهه اسپتال پهچايو، پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ڌرين ۾ پنجن ڪلاڪن تائين مسلسل فائرنگ سبب علائقي ۾خوف پکڙجي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.