چڪ: چڪ ٿاڻي جي حد مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل سکر واسي آفتاب ابڙو بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي، هن ميڊيا کي ٻڌايو ته چڪ جي قاسم ڳوٺ واري علائقي مان سکر واپس ويندي بيچانجي بند وٽان اغوا ڌاڙيلن ڪيو، هن ٻڌايو ته پوليس آپريشن سبب ڪچي منتقلي جو رستو نه ملڻ سبب ڌاڙيلن کيس پاڻ هرتو ڇڏي ڏنو.