چڪ واسي واپاري اياز مهر ۽ غلام علي دايو کي حراست ۾ ناهي ورتو: رينجرز جو عدالت ۾ جواب

0
145
رينجرز جو عدالت ۾ جواب

چڪ واسي واپاري اياز علي مهر ۽ غلام علي دايو کي رينجرز حراست ۾ نه ورتو آهي، رينجرز سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

رينجرز پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي شهرين کي رينجرز حراست ۾ نه ورتو آهي

ايس پي انويسٽيگيشن عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته سنڌ جي گهرو کاتي کي خط لکي معاملي جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي

گهرو کاتي ٻن ڏينهن اندر جي آءِ ٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

عدالت ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ جي آءِ ٽي جوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 30 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي