چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس: پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور جيل حوالي

0
179
پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور جيل حوالي
چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس: پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور جيل حوالي

اسلام آباد جي عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير واري ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي 6 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل  موڪلي ڇڏيو آهي

علي امين گنڊاپور کي جڊيشل ڪامپليڪس جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پنجاب پوليس ۽ اسلام آباد پوليس گنڊاپور جي حوالگي جي استدعا ڪئي

 عدالت ڀڪر ۽ اسلام آباد پوليس جي رمانڊ واري درخواست رد ڪندي امين گنڊاپور کي 6 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ خلاف ڊي آءِ خان ۾ ٻئي ڪيس به خارج ڪري ڇڏيا

اسلام آباد پوليس دهشتگردي ۽ غداري جي الزامن هيٺ علي امين گنڊاپور خلاف هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪري ورتو

 گولڙا ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته علي امين هڪ آڊيو ڪال ۾ اسلام آباد تي قبضو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي