سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران دهشتگردن خلاف آپريشن جاري رکڻ تي اتفاق

0
206
دهشتگردن خلاف آپريشن جاري رکڻ تي اتفاق
سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران دهشتگردن خلاف آپريشن جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد: پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران دهشتگردن خلاف آپريشن جاري رکڻ ۽ ڪارروائيون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو 41 هون اجلاس ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيو

چيئرمين جوائنٽ چيفس سميت ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، جڏهن ته دفاع، ناڻي، گهرو ۽ پرڏيهي معاملن جا وفاقي وزير ۽ چارئي وڏا وزير به شريڪ ٿيا

اجلاس ۾ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو

سياسي ۽ عسڪري قيادت اجلاس ۾ دهشتگردن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو  آهي