چين ۾ قرض وٺڻ لاءِ نه پر ڪاروبار ۽ ترقيءَ لاءِ آيو آهيان: شهباز شريف

0
29
چين ۾ قرض وٺڻ لاءِ نه پر ڪاروبار ۽ ترقيءَ لاءِ آيو آهيان: شهباز شريف
چين ۾ قرض وٺڻ لاءِ نه پر ڪاروبار ۽ ترقيءَ لاءِ آيو آهيان: شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چين ۾ قرض وٺڻ لاءِ نه پر ڪاروبار ۽ ترقيءَ لاءِ آيو آهيان، پاڪستان کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ سموريون توانائيون استعمال ڪنداسين، پاڪستان ۾ چيني شهرين جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو

 وزيراعظم شهباز شريف جو چيني شهر شنزين ۾ پاڪ چائنا بزنس فورم کي خطاب، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ بزنس فورم قائم ڪيو ويو، حڪومت ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي

 نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي، زراعت ۽ معدني وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي انتها موقعا آهن، ايس آءِ ايف سي ڪاروباري شعبي ۽ سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي لاءِ قدم کڻي رهي آهي

 وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي وفد سوڌو 5 ڏينهن جي دوري تي چين پهتل آهي، وزيراعظم پاڪ چائنا بزنس فورم کي خطاب کان اڳ چيني ڪمپني ترانشين هولڊنگس جي باني زو زائو جيانگ سان ملاقات به ڪئي