چيني شھرين جو خون ضايع نه ٿيڻ گهرجي: چين جو ڪراچي ڌماڪي تي رد عمل

0
464

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ڌماڪي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي حوالي سان چين جو به رد عمل سامهون اچي ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چين جو رت ضايع نه ٿيڻ گهرجي

چين جي پرڏيهي کاتي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته چين حملي تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿو، چيني شهرين تي حملو ڪندڙن کي اُن جي قيمت چُڪائڻي پوندي

هن چيو ته پاڪستان ۾چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي درخواست ڪئي اٿئون، يقيني بڻايو وڃي ته مستقبل ۾ ٻيهر اهڙا واقعا نه ٿين

ياد رهي ته  ڪراچي يونيورسٽي گذريل ڏينهن ٿيل حملي جي نتيجي ۾ ٽن چيني شهرين سوڌو 4 ڄڻا مارجي ويا هئا

ھي به پڙھندا

ڪراچي ڌماڪو: 3 چيني شهرين سميت 4 ڄڻا مارجي ويا: سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون اچي ويا