چيلھار (ن پ ا) ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ چيلهار ٿاڻي جو ايس ايچ او محمد خان زئور ۽ واپاري ايسوسيئيشن جي صدر اشوڪ مالھي گذريل ڏينهن چيلھار مارڪيٽ ۽ احساس ڪفالت سينٽر پهچي ماڻهن ۾ ماسڪ تقسيم ڪيا. ان موقعي تي هنن شهرين ۽ عام ماڻهن کي هدايت ڪئي هاڃيڪار ڪورونا وائرس کي محفوظ رهڻ لاءِ ماسڪ ضروري پائڻ گھرجن. هنن احساس ڪفالت سينٽر تي موجود عورتن توڙي عملي ۾ پڻ ماسڪ ورهايا.