ڪوٽڙي (رپورٽر) جوهي ۾ ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب فوت ٿي ويل نوجوان جي معاملي تي لغاري برادري تعلقي جوهي پاران جوھي اسپتال جي ايم ايس خلاف ڪوٽڙي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن غلام قادرلغاري، مولابخش لغاري، سڪندر چانڊيو، اصغر لغاري ۽ ٻين چيو ته واهي پانڌي ۾ 15 ڏينهن اڳ نوجوان زاهد لغاري کي ڊاڪٽر زبير پنهور جي مبينا غفلت سبب غلط انجڪشن هڻي ماريو ويو، هنن چيو ته ڊاڪٽر زبير تي ڪيس داخل پڻ ڪيو ويو آھي ان باوجود ايم ايس جوهي جي سيٽ تي مقرر آھي ۽ اهڙي ڪاسائي ڊاڪٽر کي فوري طور تي گرفتار ڪري زاهد لغاري جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ڊاڪٽر پاران زاهد لغاري جي وارثن مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيان وڃن.