چيف جسٽس سياسي صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

0
255
اسپيڪر آرٽيڪل 5 جو

ڪراچي (م ڊ) سپريم ڪورٽ اڄ قومي اسيمبلي جي ڪارروائي جي حوالي سان پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، جنهن سلسلي ۾ اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ پهچي ويو

قومي اسيبملي جي ڪارروائي جي حوالي سان چيف جسٽس جي سربراهي ۾ لارجر بينچ قائم ڪئي وئي آهي

اٽارني جنرل خالد جاويد خان جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو حتمي فيصلو هوندو

واضح رهي ته قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري گڏيل مخالف ڌر جي وزيراعظم عمران خان بي اعتمادي رٿ کي عالمي سازش ۽ ملڪي آئين جي خلاف قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي

وزيراعظم عمران خان صدر کي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

وزيراعظم عمران خان قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته منهنجي خلاف بي اعتمادي رٿ عالمي سازش هئي ۽ ملڪي آئين جي خلاف هئي جنهن کي اسپيڪر رد ڪري ڇڏيو آهي

قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏني آهي، قوم کي چوان ٿو ته چونڊن جي تياري ڪري

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته توهان کي گهٻرائڻو ناهي، قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، صدر کي قومي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏني آهي

ھي به پڙھندا

صدر عارف علوي وزيراعظم جي تجويز تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي