چيخوف جي ڪهاڻين جو مختصر جائزو! 

0
25
ڇا ڊجيٽل آدمشماري بابت سنڌ اسيمبلي جي قرارداد ڪافي آهي؟

 مشهور روسي ليکڪ، افساني نگار اينٽن چيخوف جي مختلف ڪهاڻين جو هڪ مجموعو جيڪو ڄام وقار حسين قادري صاحب پاران ترجمو ڪيو ويو هو، سو تازو ئي سال 2023ع ۾ روشني پبليڪشن طرفان” چيخوف جون ڪهاڻيون ” جي نالي سان شايع ڪيو ويو آهي. چيخوف جو جنم ڏکڻ روس جي بحيره آزوف جي شهر تاگا نروگ ۾ 17 جنوري 1860ع تي ٿيو.  چيخوف جون ڪهاڻيون سمجهڻ ۾ آسان ۽ سادي پلاٽ ۾ آهن. مذڪوره مجموعي ۾ ته شامل ڪجهه ڪهاڻين جي پڄاڻي به ڏاڍي شاندار آهي. چيخوف جي لکڻين جو موضوع عام ماڻهو آهن. سندن روز مرہ جي زندگي، ڏکن، سورن دردن کي هن پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بڻايو آهي. اينٽن. پي. چيخوف جي بابت روس جو ناميارو ناول نويس، اديب ليو ٽالسٽائي چوي ٿو ته: “چيخوف هڪ لاثاني فنڪار آهي، زندگيءَ جو فنڪار آهي. هن جون تحريرون عالم انسان لاءِ آهن.”

                 چيخوف جون ڪهاڻيون توڻي جو عام فهم ۽ آسان آهن ۽ سندس ڪهاڻين جا موضوع به گهڻي ڀاڱي ظلمن جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ ماڻهو آهن، تنهن هوندي به هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون مثال” ٻه ڏکويل” ۽ ڊرالنگ ” ڪجهه اوپريون ۽ عام فهم کان مٿي آهن يا اها غلطي ترجمي جي آهي ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري ڪهاڻين جو هي سنڌي مجموعو ترجمي جو به ترجمو آهي، ان ڪري اهو فرق ضرور رهندو. ٻيو ته ڪتاب ۾ پروف جون جام غلطيون آهن، جنهن ڪري به ڪهاڻين پڙهندي اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا تسلسل، رس ۽ چس برقرار نٿو رهي.” چيخوف جون ڪهاڻيون ” جي هن مجموعي جون ڪافي ڪهاڻيون شاندار ۽ دل کي وڻندڙ آهن، خاص ڪري موضوع جي لحاظ کان فڪري طور پڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ انداز بيان. هن مجموعي جي ڪافي ڪهاڻين جا ڪردار هيٺين طبقي سان واسطو رکندڙ آهن، هڪ جاگيردار، سرمائيدار سماج ۾ هو ڪيڏين تڪليفن سان پنهنجي زندگي گذارين ٿا تنهن جي زبردست عڪاسي ٿيل آهي.

” ونڪا” نالي ڪهاڻي ۾ چيخوف هڪ مزدور ٻار جي ڏک، درد ۽ پيڙا کي بيان ڪيو آهي. ڏاڏي جي سرپرستي هيٺ پلجندڙ يتيم ٻار جنهن کي ڪمائڻ واسطي ماسڪو موڪليو وڃي ٿو ۽ هو اتي ڪم ڪري ٿو. وانڪا نالي ان ننڍڙي معصوم مٿان سندس مالڪ جي بيرحم تشدد ۽ ان معصوم ٻار جي ڏک کي هن ڪهاڻي ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ٻار هڪ ڏک ڀريو خط پنهنجي ڏاڏي کي خط لکي ٿو ۽ ان ظلمن جي گهاڻي مان نجات لاءِ ٻاڏائي ٿو. ڪهاڻي ۾ منظرنگاري ۽ درد جي عڪاسي دل کي ڇهندڙ آهي.

” پڇتا” نالي ڪهاڻي هڪ شرابي جي ڪهاڻي آهي جيڪو پنهنجي زال کي روز ماري ٿو. هڪ ڏينهن شراب پي جڏهن هو مٿس تشدد ڪري ٿو ته اها مري وڃي ٿي ۽ هو پاڻ به ششدر ٿي وڃي ٿو. هن ڪهاڻي ۾ ان مڙس جي احساس ملامت، پاڻ کان نفرت ۽ پڇتا جي جذبن جي ڀرپور عڪاسي ڪئي وئي آهي. مجموعي ۾ شامل چيخوف جي هڪ ڪهاڻي” لاٽري جي ٽڪيٽ ” مرد جي بيحسي ۽ خودغرض طبيعت جي عڪاسي ڪري ٿي. اها هڪ شادي شده جوڙي جي ڪهاڻي آهي. ماشا نالي عورت پنهنجي مڙس الون سان بي انتها محبت ڪري ٿي پر الون ۾ روايتي مرد واريون خصوصيتون آهن جن ۾ هو ماشا جي پيار کي عورت جي ڪمزوري ۽ پنهنجي انا سمجهي ٿو ۽ کيس بيجا تنگ ڪندو رهي ٿو. بهرحال ڪهاڻي ۾ عورت جي سچائي، بي انتها محبت ۽ مرد جي خسيس پڻي کي ڀرپور نموني ڏيکاريو ويو آهي.” ٽوٽي” نالي ڪهاڻي هڪ ڪم چور ۽ محنت کان عاري ماڻهو جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي هڪ عورت پنهنجي عمل ۽ پنهنجي حسن سلوڪ سان تبديل ڪري ڇڏي ٿي.” تحفو” نالي ڪهاڻي ته شاندار آهي. اها هڪ پوڙهي مائي ۽ سندس نوجوان پٽ ۽ هڪ ڊاڪٽر جي اردگرد ڦري ٿي. ڊاڪٽر مائي جي اڪيلي پٽ جو علاج ڪري سندس زندگي بچائي ٿو، ان ايڏي احسان جي بدلي اها غريب مائي ڊاڪٽر کي آرٽ جو هڪ نادر نمونو هڪ عورت جو مجسمو پيش ڪري ٿي. اهو مجسمو جيڪو هڪ شاهڪار مجسمو آهي پر ان مجسمي ۾ عورت پنهنجي قدرتي لباس ۾ ڏيکاريل آهي. مجسمو ڊاڪٽر کي ڏيندي ساشا نالي نوجوان چئي ٿو ته هي مجسمو اڌ آهي ۽ ان جو اڌ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيون پيا جيئن اهو ٻيو اڌ ملي ويندو تيئن ئي توهان کي اهو به پيش ڪبو. پر ڊاڪٽر اهو مجسمو وٺڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته هي قدرتي لباس ۾ عورت جو مجسمو هتي پاڻ وٽ نٿو رکي سگهان پر ڇوڪرو زوري کيس اهو مجسمو ڏئي وڃي ٿو ۽ پوءِ ڊاڪٽر اهو مجسمو ڪنهن ٻي کي ڏيڻ جو سوچي ٿو. جو هو سمجهي ٿو ته هتي سرعام اهو رکي نٿو سگهجي. ڊاڪٽر مجسمو کڻي پنهنجي هڪ وڪيل دوست کي ڏئي ٿو وڪيل به انڪار ڪري ٿو پر مجبور کيس وٺڻو پوي ٿو پر وڪيل پڻ وري اهو پنهنجي ڪنهن اداڪار دوست کي ڏئي ٿو ۽ اهو اداڪار وري ڪنهن دوست کان صلاح وٺي اهو مجسمو ڪنهن پوڙهي عورت کي وڪڻي ٿو، ٻئي ڏينهن ساشا ڊاڪٽر وٽ وري اچي ٿو ۽ خوشي سان ٻڌائي ٿو ته مجسمي جو ٻيو حصو ملي ويو ۽ ائين ڪهاڻي ختم ٿئي ٿي. هن ڪهاڻي جي پڄاڻي ڏاڍي شاندار آهي. اها ڪهاڻي اخلاق جي روايتي تصورن کان ويندي معصوميت جو جيئرو جاڳندو مثال آهي.

” جوش” نالي ڪهاڻي هڪ غريب پيڙهيل ماڻهو جي ڪهاڻي آهي جيڪو پنهنجي آقا جي انتهائي ظلمن جي گهاڻي ۾ پيڙهجي ٿو. هي ڪهاڻي بيوسي جي تصوير آهي. مجموعي ۾ شامل ڪجهه ٻيون ڪهاڻيون جهڙوڪ” شرط”،” هڪ ملاح جي ڪهاڻي” وغيره به شاندار آهن.