چونڊڪو ۾ پيرسن پيءَ کي پٽن گهر مان ڪڍي ڇڏيو، در بدر

0
319
چونڊڪو ۾ پيرسن پيءَ کي پٽن گهر مان ڪڍي ڇڏيو، در بدر
چونڊڪو ۾ پيرسن پيءَ کي پٽن گهر مان ڪڍي ڇڏيو، در بدر

چونڊڪو(ن پ ا) چونڊڪو ۾ پيرسن پيءُ کي پٽن گهر مان ڪڍي ڇڏيو  آهي.

پير سن نانڪ مل کي نافرمان  پٽن ديوان مل ۽ ماڻڪ مل گهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏي، جنهن بعد پيرسن دربدري واري زندگي گذارڻ لڳو.

چونڊڪو شهر جو رهواسي پيرسن نانڪ مل احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سڄي زندگي ۾ پنهنجي اولاد جي خدمت ڪئي ۽ تعليم سميت گهر ٺھرائي ڏنا.

هن چيو ته پيري ۾ مون کي پٽن ديوان مل ۽ ماڻڪ مل گهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏي، هاڻي مان دربدري واري زندگي گذاري رهيو آھيان، وس وارا منهنجي مدد ڪن.