اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊن جي حوالي سان حڪومت سان ڳالهين بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، پي ٽي آءِ طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل ڌار رپورٽ ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت سان ڳالهين جا ٽي دور ٿيا، ڳالهين ۾ پي ٽي آءِ هر ممڪن حد تائين لچڪ ڏيکاري. رپورٽ ۾ گذريل رات ٿيندڙ ڳالهين ۾ اڳڀرائي جا تفصيل به شامل ڪيا ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسان حڪومت سان ڳالهيون ڪيون، هڪ ڏينهن ئي چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ٿيو، پر تاريخ تي اتفاق نه ٿي سگهيو، هاڻي سپريم ڪورٽ ايڪشن کڻي، 14 مئي تي پنجاب اسيمبلي جي چونڊ ڪرائي وڃي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته تحريڪ انصاف هڪ ئي ڏينهن چونڊن لاءِ تيار آهي، جنهن لاءِ اهو شرط آهي ته قومي اسيمبلي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليون 14 مئي يا ان کان اڳ ٽوڙيون وڃن، اسان معاهدو ڪرڻ جو چيو، پي ڊي ايم اسان جي تجويزن سان اتفاق نه ڪيو، پي ڊي ايم جو خيال هو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ آگسٽ جي ٻئي هفتي ۾ سموريون اسيمبليون ٽوڙڻ بعد 90 ڏينهن اندر يعني آڪٽوبر  جي پهرين هفتي ۾ ڪيون وڃن، پي ٽي آءِ شرط رکيو ته هڪ ڏينهن چونڊن لاءِ تيار آهيون پر قومي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي 14 مئي يا ان کان اڳ ٽوڙي وڃي، انهن اسيمبلين جي چونڊ 60 ڏينهن اندر يعني جولاءِ جي ٻئي هفتي ۾ ڪرائي وڃي، پي ٽي آءِ پنهنجي رپورٽ  استدعا ڪئي ته 4 اپريل واري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرايو وڃي، سپريم ڪورٽ 19 اپريل تي سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهين ذريعي چونڊن جي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو،  واضح رهي ته تحريڪ انصاف ۽ حڪومتي اتحاد ۾ ڳالهين جو ٽيون دور به بريڪ ٿرو بنا ئي ختم ٿي ويو هو. ڳالهين ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ٿيڻ گهرجن پر هڪ ئي وقت چونڊن جي تاريخ ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ تي اتفاق نه ٿي سگهيو هو.