چور، ڏوهاري ۽ لنڊن ڀڄي ويل شخص لاءِ سپريم ڪورٽ بار عدالت هلي وئي: وزيراعظم

0
202
چور، ڏوهاري ۽ لنڊن ڀڄي ويل

بهاولپور (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ بار جي تاحيات نااهلي بابت درخواست جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ بار هڪ چور، ڏوهاري ۽ ڪوڙ ڳالهائي لنڊن ڀڄي وڃڻ واري شخص لاءِ عدالت هلي وئي ۽ عدالت کي چئي رهيا آهن ته هن کي هڪ ٻيو موقعو ڏنو وڃي، سپريم ڪورٽ بار ٻي پٽيشن هي ڪري ته پاڪستان ۾ جيل کوليا وڃن

بهاولپور ۾ صحت انصاف ڪارڊ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن کي نشانو بڻايو ۽ سپريم ڪورٽ بار کي به سخت تنقيد ڪئي

وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا حيران ٿي ويندي ته 10 هزار رپيا شهباز شريف جي پٽ جي شگر مل ۾ ڪم ڪندڙ شخص جي اڪائونٽ ۾ 4 ارب ڪيئن آيا؟، جڏهن توهان تهه ۾ ويندئو ته توهان کي معلوم ٿيندو ته اسان جو ملڪ هن مقام تي ڇو نه پهچي سگهيو جتي پهچڻ گهرجي هيا،  جيڪڏهن توهان فيڪٽري تي ڌاڙيل کي ويهاريندئو ته هو به ڏيوالو ٿي ويندو

هن چيو ته نوازشريف جا ٻئي پٽ لنڊن ۾ اربين رپين جي ملڪيتن ۾ ويٺا آهن، لنڊن يورپ جو سڀني کان مهانگو شهر آهي، لنڊن جي مهانگي ترين جاءِ تي هنن جا اربين رپين جا گهر آهن، ٻارن کي هن ٻاهر موڪلي ڇڏيو آهي، ٽي ڀيرا وزير اعظم ٿيڻ واري کان پڇو ته ٻارن وٽ اربين رپيا ڪيٿان آيا ؟ ته چون ٿا ٻارن کان پڇو مون کي خبر ناهي، ٻارن کان پڇو ته چون ٿا ته هو پاڪستان جا شهري ئي نه آهن

وزيراعظم چيو ته هر غريب ۽ مقروض ملڪن کي ڏسو، هر جڳهه تي ڌاڙيل ملڪ ۾ ويٺيا آهن ۽ پئسا چوري ڪري ٻاهر کڻي ويندا آهن، جيستائين قوم گڏجي نه وڙهندي تيستائين ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم نه ٿيندي، اسان جو مقابلو هنن چورن ۽ ڌاڙيلن جي ٽولي سان آهي

عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن وڃي عدالت ۾ چوندي ته ڏسو هڪ ماڻهو چوري ڪري ملڪ مان ڀڄي ويو آهي، ڏوهاري آهي، ڪوڙ ڳالهائي ڀڄي ويو، ان کي هڪ ٻيو موقعو ڏنو وڃي ۽ ٻيهر ميچ کيڏي ته پوءِ چوري ڪرڻ ۾ ڪهڙِ شئي خراب آهي؟ جيڪڏهن توهان کي ان ۾ ڪو نقصان نظر نه ٿو اچي ته پوءِ غريبن کي جيلن ۾ بند ڇو ڪيو ويو آهي، سڀ کان پهرين انهن کي کوليو

وزيراعظم چيو ته مون کي پاڪستان ۾ فلاحي رياست نظر نه آئي، مون برطانيه ۾ ڏٺو ته انسانيت ڇا آهي، اتي جي ڊاڪٽرز فرق نه ڪندا آهن ته ڪير ٿو علاج ڪرائي، مان سوچيان ٿو ته ملڪ کي فلاحي رياست بڻائڻ لاءِ پئسا ڪٿان آڻينداسين

هن چيو ته مان صحافين کي چوان ٿو تنقيد سٺي شيءِ آهي، تنقيد ڪريو پر بيلنس سان ڪيو، تنقيد تمام سٺي شيءِ هوندي ۽ جمهوريت جو حسن آهي

ھي به پڙھندا

نواز شريف جو علاج هلي پيو، هن سال يا ايندڙ سال واپس ايندو: شاهد خاقان